گلگت بلتسان جون چونڊون ۽ مسلم ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي صورتحال

حامد مير

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف گلگت ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اهڙو شڪوو ڪيو آهي، جنهن سندس ڪيترن ئي ساٿين ۽ چاهيندڙن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ان شڪوي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي سياسي مخالفن جو جوابِ شڪوو به سامهون اچي رهيو آهي، پر بحث جو رخ گلگت بلتستان جي مسئلن تان هٽي ڪري پاڪستاني سياستدانن جي مجبوري ڏانهن مڙي ويو آهي. نواز شريف ٽي ڀيرا پاڪستان جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، افسوس جو هو ٽنهي ڀيرن پنهنجي حڪومت جو مدو پورو نه ڪري سگهيو. گلگت جي جلسي ۾ هن اتان جي ٽٽل رستن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گلگت سي پيڪ (CPEC) جو مرڪز آهي، پر مان پڇڻ چاهيان ٿو ته گلگت کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو؟ هن چيو ته اڄ اين ايف سي (NFC) ذريعي گلگت بلتستان لاءِ فنڊ گهريا پيا وڃن، پر مان توهان کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته 2017ع ۾ منهنجي حڪومت هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن گلگت بلتستان جي مستقبل بابت سفارشون تيار ڪيون هيون، جن تي اسان عمل ڪرڻو هو، پر پوءِ مون کي حڪومت مان ڪڍيو ويو.

نواز شريف صاحب شڪوي جي انداز ۾ چيو ته، "مونکي ملامت نه ڪريو، مان گلا ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. ڏوهه ته توهان جو به آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن مونکي ملڪ مان نيڪالي ڏني وئي ته توهان ائين ڇو ٿيڻ ڏنو؟” اڳتي هلي هن فرمايو ته مان توهان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ شهباز شريف سان ڳالهائيندس. نواز شريف اهو وساري ويٺو ته 2017ع ۾ جڏهن کيس سپريم ڪورٽ نااهل ڪيو ته سندس جاءِ تي سندس ئي نامزد ڪيل شاهد خاقان عباسي وزيراعظم بڻيو. 2022ع ۾ شهباز شريف وزيراعظم بڻيو ۽ 2024ع جي چونڊن کانپوءِ شهباز شريف ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻايو ويو. ميان نواز شريف جي نياڻي مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير آهي، سندس ٻي ڌيءَ جو سهرو اسحاق ڊار ڊپٽي وزيراعظم آهي. نواز شريف پاڻ چيو ته هو گلگت وارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ شهباز شريف سان ڳالهائيندو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته شهباز شريف واقعي گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ هن گلگت وارن سان شڪوو ڇو ڪيو؟

مونکي ياد آهي ته 2017ع ۾ نااهليءَ کانپوءِ نواز شريف جي ٽي روڊ  تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو. جيڪڏهن ان لانگ مارچ ۾ وچڙي پنجاب جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿين ها ته سياسي حڪومتن خلاف سازشن ۾ گهٽتائي اچي ها، پر وچڙي پنجاب ۽ خاص طور تي لاهور جا ماڻهو ٻاهر ڇو نه نڪتا؟ نواز شريف جو شڪوو جائز آهي، پر اهو شڪوو گلگت وارن سان نه، پر لاهور وارن سان جڙي ٿو، جتان نواز شريف 1985ع ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي (MPA) بڻيو هو. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير وارا ته اڃا تائين پنهنجا حق گهري رهيا آهن. هتي جڏهن به اليڪشن ٿيندي آهي ته پاڪستان جا وڏا وڏا سياستدان پنهنجا پنهنجا لشڪر کڻي پهچي ويندا آهن، هڪٻئي تي تنقيد ڪندا آهن ۽ پوءِ اليڪشن کانپوءِ حڪومت ٺاهي واپس هليا ويندا آهن. مقامي ماڻهن جا مسئلا اتي ئي رهجي ويندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري به گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام خلاف سازشن جو ذڪر ڪري رهيو آهي، پر اهو نٿو ٻڌائي ته سازش ڪير ڪري رهيو آهي؟

تحريڪِ انصاف وارا پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، جيتوڻيڪ 2020ع ۾ عمران خان بطور وزيراعظم گلگت بلتستان لاءِ عبوري صوبي جي حيثيت جو اعلان ڪيو هو. تحريڪِ انصاف جي ڪجهه اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته کين چونڊ مهم کان پري رکيو پيو وڃي، ان جو هڪ سبب سندن پاڻ ۾ نااتفاقي به آهي. اها نااتفاقي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي ۾ به نظر اچي رهي آهي، پر اهي هڪٻئي جو نالو ناهن کڻي رهيا. تحريڪِ انصاف ان ئي قسم جي سياسي بحران جو شڪار آهي، جنهن بحران کي 2017ع ۾ مسلم ليگ (ن) کي منهن ڏيڻو پيو هو. فرق صرف ايترو آهي ته مسلم ليگ (ن) سان 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ۽ تحريڪِ انصاف سان 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي. 2019ع ۾ نواز شريف هڪ خاموش معاهدي (سمجهوتي) تحت ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو، پر 2026ع ۾ عمران خان اهڙو ڪو به سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مونکي تحريڪِ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن چيو آهي ته "خان صاحب سياست نه پيو ڪري پر ضد ڪري ويٺو آهي، جيڪڏهن هو ٿوري لچڪ ڏيکاري ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کيس جيل مان ڪڍي وٺنداسين.” جڏهن مان پڇان ٿو ته خان صاحب لچڪ ڇو نٿو ڏيکاري؟ ته چيو وڃي ٿو ته هو نواز شريف بڻجڻ نٿو چاهي. عمران خان گذريل ٽن سالن کان جيل ۾ آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته منجهس ۽ نواز شريف ۾ وڏو فرق آهي.

سندس حامي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻا متحرڪ آهن. سوشل ميڊيا تي عمران خان تمام گهڻو مقبول نظر اچي ٿو، پر ملڪ جي رستن تي اها مقبوليت نظر نٿي اچي. عليما خان اڊيالا جيل کان ٻاهر ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي رهندي آهي ۽ ‘اسٽريٽ پاور’ جو انتظار ڪندي آهي، پر سوشل ميڊيا تي نظر ايندڙ پاور اسان کي رستن تي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته موجوده حڪومتي بندوبست کي ڪٿان به ڪو خطرو ناهي؟ اپوزيشن پارٽين جي ڪمزورين ۽ بيچارگيءَ جو مطلب اهو ناهي ته حڪومتي بندوبست بلڪل محفوظ آهي. ان بندوبست لاءِ سڀ کان وڏو خطرو سندس پنهنجا اڪنامڪ مئنيجر آهن، جيڪي نه پارليامينٽ کي جوابده آهن ۽ نه ئي وزيراعظم کي. اهي اصل ۾ عالمي مالياني ادارن جي ڊڪٽيشن تي پاليشيون جوڙيندا آهن. عوام تي لڳاتار مھنگائيءَ جا جبل ڪيرايا پيا وڃن، پر عوام ڪيستائين صبر ڪندو؟ ايندڙ بجيٽ ۾ عوام تي مھنگائيءَ جو ٻوجهه وڌيڪ وڌايو ويو ته عوامي ردعمل انتهائي سخت ٿي سگهي ٿو.

ياد رکو ته گلگت بلتستان کي لاهور ۽ ڪراچي وارن آزادي نه ڏياري هئي. هتان جي ماڻهن پهرين نومبر 1947ع تي پاڻ ڊوگرا راڄ خلاف بغاوت ڪئي ۽ مقامي گورنر گهنسا سنگهه کي گرفتار ڪري اسلامي جمهوريه گلگت جي عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو. بعد ۾ ان عبوري حڪومت رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان سان الحاق ڪيو. پوءِ هنزه ۽ نگر جون رياستون پاڪستان ۾ شامل ٿيون ۽ مقامي آبادي پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي 14 آگسٽ 1948ع تي اسڪردو آزاد ڪرايو. ان علائقي مان اهو شاهراهه ريشم گذري ٿو جيڪو پاڪستان کي چين سان ڳنڍي ٿو. هتان جي ماڻهن کي ته اکين تي کڻي رکڻ گهرجي، پر افسوس جو اڄ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ شديد سياسي بي چيني نظر اچي رهي آهي. کانئن ڪيل واعدا پورا نٿا ٿين. انهن علائقن جي ماڻهن جو مزاج وچڙي پنجاب کان مختلف آهي. جيڪڏهن هن ڀيري هتي ڌانڌلي ٿي ته ان جو ردعمل تمام سخت ٿي سگهي ٿو. بجيٽ کانپوءِ مھنگائي تي ضابطو نه آندو ويو ته پوءِ نواز شريف ۽ بلاول پٺتي رهجي ويندا. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ عوامي حقن جي نالي تي اهڙي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڪنهن به سياسي پارٽي جي ڪنٽرول ۾ نه هوندي.

موجوده حڪومتي بندوبست پنهنجي سفارتي ڪامياين تي گهڻو ناز ڪري رهيو آهي، پر انهن سفارتي ڪامياين کي سياسي ڪامياين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمتِ عملي نظر نٿي اچي. جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران ۾ امن معاهدو ٿي وڃي ته تيل جي قيمت گهٽجي ويندي ۽ عوام کي وقتي ريليف ملي سگهي ٿو، پر موجوده حڪومتي بندوبست جي سياسي نااهلي رڳو شهباز شريف لاءِ نه، پر رياست جي ساک لاءِ به هڪ مستقل خطرو آهي. ان ڪري، گهٽ ۾ گهٽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ڪرائي، پاڪستان جي رياست جي ساک کي ڪجهه ته سهارو ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.