ڪتاب ”ھاسٽل کان ڪئمپس تائين“ جو اڀياس

ڊاڪٽر جاويد شيخ

ھن ڪتاب مٿان منھنجي نظر مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ جي آفيس ۾ پئي. ڪتاب انهيءَ ڪري اھميت وارو محسوس ٿيو،جو ٽائيٽل ڪور تي سنڌ يونيورسٽي جي گيٽ ،سينٽرل لائبريري ۽ سنڌالاجيءَ جون بلڊنگون ڏيکاريل آھن.مان پاڻ انهيءَ مادر علميءَ مان پڙھيو آھيان انهيءَ ڪري تجسس جي ھٿن مون کي ڪتاب کڻڻ تي اڪسايو.ڪتاب کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺم، ته مون کي پني پني مان سنڌ ورسٽيءَ جي سڳنڌ پئي آئي.صوفي امداد ڄڻ منھنجي من اندر جو اورڻ اوريو آهي.ھر ننڍي وڏي مضمون منجھه مون پاڻ کي اتي غائبانا محسوس ڪيو.ھوشو ھاسٽل ،لال شھباز ،جي ايم سيد،انٽرنيشل ھاسٽل ،ماروي ھاسٽل،سينٽرل ڪينٽين ،سينٽرل لائبريري ،اي،سي ٽو ۽ بين يادگار جاين جڳهين جو نالو ٻڌي پريڪٽيڪل لائيف جي بي رحمي ھٿان کسيل، ڇھٽيھه سالن جو گذريل دور،سيڪنڍن ۾ ڪنھن جادوگر جي حرفتن جيئان ھن ڪتاب "ھاسٽل کان ڪئمپس تائين "مون کي موٽائي ڏنو.سرتاج چانڍئي جي انٽرنيشنل ھاسٽل تان ٿيل گرفتاري ۽ ڪراچيءَ جي پڪنڪ دوران ٽول پلازه تي پوليس طرفان شاگردن جي جھڙتي  دوران ٿيل فشري جو آءٌ  به اکين ڏٺو شاھد آھيان.ھي ڪتاب ھڪ اھڙي تسلسل ۾ لکي ترتيب ڏنو ويو آھي ،ڄڻ ڪو ضخيم ناول يا داستان ھجي،جنھن کي بابن ۾ ورھايو ويو آھي. ھن ڪتاب کي  به سال وار  يادگار نموني لکيو ويو آھي.مان وثوق سان چوان ٿو ،ته ھن ۽ ھن جھڙن ڪتابن تي گھڻين ئي قسطن ۾ فلمون ٺاھي سگھجن ٿيون.ڇاڪاڻ، ته ھي ھڪ اھڙو ڪتاب ،جنھن ۾ گذريل تعليمي دور کي سچائي ۽ سيبتائي سان قلم بند ڪيو ويو آھي.. ڪتاب جي ورق ورق تي  يادگيرين جو اھڙو ، ته شاندار ڀرت ڀريو ويو آھي جو سنڌ ورسٽيءَ ۾ انھن ڏھاڪن ۾ پڙھندڙ ھر اڳوڻو شاگرد خيالن جي بت تي اھڙو ڀريل پھراڻ خوشيءَ سان پائڻ پسند ڪندو.جو ليکڪ ھن ڪتاب ۾ ھڪ دور جي لاھين چاڙھين ۽ ماضيءَ کي محفوظ ڪري مستقبل کي ڪامران ۽ ڪامياب ڏيکارڻ جي ھمٿ ڪئي آھي. ھن ڪتاب ۾ جتي شاگرد لچاين،جھيڙن جڳاڙن، شرارتن،شيطان گيرين جي ڪڙاڻ  به آھي ته ڪارج ڀريل علمي،ادبي،سياسي،سماجي ۽ تعليمي بحثن ۽ چاھتن واري چاشني ۽ حسن جي ھٻڪار  به محسوس ڪرائي وئي آھي. اھا  به ھن طرح "جڏھن ڪئمپس ۾ ڪلاس ھلندا ھئا،ته حسن جي ھاڪار ڏسڻ وٽان ھوندي ھئي.عاشق زھر پياڪ فيڪلٽي جي ڪاريڊور ۾ تڙپندا نظر ايندا ھئا ۽ محبوب کي ڪا  به فلڪ نه ٿيندي ھئي. خوبصورت ڇوڪريون، ڊگھي ڳچي  جڏهن  ڊگھي کڙيءَ وارو سينڊل پائي ڪاريڊور ۾ ڊيل وانگر ھلنديون ھيون ،ته ايئن لڳندو ھيو مصر جي حسن  بازار ۾ اچي ويا ھجون ۽ عاشق ائين ھوندا ھئا جيئن بازار مان خريداري ڪرڻ آيو ھجي .پر ان وٽ ان وقت پئسا نه ھجن.

"ڪتاب ايترو سحريلو آھي ،جو پڙھڻ دوران ھر ھر ڪتاب بند ڪري پاڻ کي بعضي سنڌ ورسٽيءَ جي ھاسٽل ۾،ته ڪنھن لمحي ڪئمپس ۾  پڙھندي ،ڦرندي محسوس پئي ڪيم ! ھي ڪتاب انهيءَ ڪري  به اھميت جوڳو آھي ،جو گھڻي ڀاڱي 89 بيچ  جي شاگردن  جي موڊ، مزاج ،پڙھائي ،رھڻي ڪھڻي  جملي نفسيات ۽ احساسن جي ترجماني ڪري ٿو.اڄ خاص ڪري اھي انگريزي شعبي جا شاگرد جڏهن 36 سال پوئتي نھاري پاڻ کي  ھن ڪتاب جي پيج پيج وار آئيني ۾ ڏسندا، ته حسرتن،حيرتن،مسرتن،خوشين،تڪليفن،تنگين ۽ خود احتسابي جي احساسي آئيني آڏو پاڻ ھرتا اچي بيھندا.ڪتاب ۾ انهيءَ عھد جي مشھور رومانٽڪ ناول رھجي ويل منظر جو تذڪرو/ چرچو ورسٽيءَ جي ھر ھڪ شاگرد جي دل جو دروازو کڙڪائي چڪو ھو.انھن ڏھاڙن ۾ ورسٽيءَ جي ھر شعبي جا شاگرد (گھڻي ڀاڱي ھاسٽلر ) علم جي اڄ اجھائڻ کان علاوه ڏيھي پرڏيھي ادب، سياست،سماجي ساڃاهه ، خدمت ۽ عشق جو خوب جذبو رکندڙ ھيا. ڪتاب ۾ صوفي امداد سومري جي سياسي بصيرت  به پڙھڻ ڪڙھڻ وٽان آھي.

ڪيترن ھنڌن تي  ڪتاب جي ليکڪ ملڪي سياست تي راءِ زني پڻ ڪئي آھي.جيڪو سندس ذاتي تجربن ،مشاھدن ۽ محسوسات جو ثمر  چئجي.ان حوالي سان سندس ھڪ غيرمعمولي سوچ  ۽ نظر جو عڪس رکندڙ ھي مثال پڙھندڙن اڳيان آڻجي ٿو :” جنھن وقت  اسان ڪئمپس ۾ پڙھندا ھئا سين ته ان وقت سياسي ڇڪتاڻ چوٽ چڙھيل ھئي. ملڪ ۾ نه سياسي استحڪام ھو ۽ نه ئي اقتصادي نظام درست ھلي رھيو ھو.ذوالفقار علي ڀٽو شھيد جي عدالت کان مٿاھين قتل خلاف جمھوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم،آر،ڊي  ۾ سنڌي ماڻھو جنھن دليريءَ سان وڙھيا، ان تي ھن. کي سيکت ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي شھري علائقن ۾ ھڪ نسل پرست تنظيم ٺاھي وئي ۽ اڻ کي سنڌين سان ويڙهائڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي.”

"اھو سڀ  ڪجهه جنرل ضياءَ الحق جي مارشلا دوران غير سياسي ماڻھن کي سياست جي ميدان ۾ آڻي سياسي پارٽين جي وجود کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش جو نتيجو ھو.وڏيري،جاگيردار،سرمائيدار ۽ مذھبي ماڻھن کي سياست جي آکاڙي ۾ لاھي ھنن جي لاءِ سياست۾ ھڪ اسپيس ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.” ليکڪ جي حافظي جي پختگيءَ جي ڇا ڳالھ ڪجي ! جو ڇھٽيھ ورھيه اڳ گذاريل گرم توڙي ٿڌين گھڙين ،حادثن ۽ حقيقتن کي ڪتاب جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڏيئن جيان ٻاري يادگيرين کي  روشن ڪيو اٿائين.ليکڪ جو بياني انداز صاف سٿرو ۽ سادو سودو آھي.سندس نثري سخنوري نھايت سندر قسم جي آھي. ھن سنڌي ٻوليءَ جي انيڪ مروج ديسي محاورن،اصطلاحن ،چوڻين  ۽ ميٽا فرس کي بيان جي فريم ۾  مھارت سان فٽ ڪري ڏيکاريو آھي جنھن  سبب سندس اسلوب بلوغت جي بارڊ کي ڇھي سگھيو آھي.. سندس نثر منجهه مزاح واري رنگيني جام نظر اچي ٿي. ان حساب سان پاڻ وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪيترائي چڱا مثال موجود آھن ،پر مضمون جي ضخامت کي نظر ۾ رکندي فقط ھڪڙو مثال ونڊجي ٿو :” ….پر وليد مير جت ھن کي بجو ڏئي چوندو ھو ته ڇا ڪتو ڇا ڪڻڪ جي ماني ،جيڪو ماڻھو ڏھ منٽ ڪرسيءَ تي نه ٿو ويھي سگھي اھو وري CSS جي امتحان جي تياري ڪندو …! ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾ ته ليٿڙيون پائي…!” توڻي جو ھن ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ مصنف طور امداد سومرو منظر تي ناھي آيو،پر آء دعوي سان چئي ٿو سگھان،ته صوفي امداد اوھين ھن ڪتاب کان پوءِ ،ليکڪ ضرور بڻجي ويا آھيو.اوھان جو ھيء قلمي پورھيو منھنجي لاءِ وڏي وٿ،سونھن۽ سگھه بڻجي ظاھر ٿيو آھي.جو ھن ڪتاب ۾ مان پاڻ کي ڳولھي لڌو آھي. ڪتاب پڙھندي ڪا گھڙي ايئن  به محسوس ڪيم،ته ڪو ھي مون لکيو آھي ، فقط ڪردار ،ڪلاس فيلوز، روم پارٽنر وغيره ٻيا آھن.شروع شروع ۾  جيئن ئي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيم،ته مٿس رويو لکڻ جو خيال آيو.ايئن پڙھي پوءِ لکڻ ويٺس ،مگر بيچني ڀرسان ويھي رھي.۽ مون لکڻ مان انهيءَ ڪري ھٿ ڪڍيا جو پڙھڻ پرجھڻ جو مزو الڳ ته لکڻ جو رومانس ٻيو آھي. خير ڪتاب سمورو پڙھي پوءِ مختصرن لکيو اٿم.

منھنجي ذاتي راءِ آھي ،ته ڪنھن  به يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندڙ ٻار جيڪڏهن ھاسٽل جوائن نٿو ڪري ،ته ڄڻ ھن ھڪ طرفو عشق ڪيو ھجي باقي ڪئمپس ۽ ھاسٽل جو گڏيل ۽ حسناڪ ماحول ئي مثالي،منفرد،لاڀائتو ۽ يادگار بڻجي وڃي ٿو ڇڙي ورسٽيءَ جي تعليم يادگيرين جو ڪو خاص حصو نٿي ٿئي. ناسٽلجڪ نينھن جي خبر کاڌن کي پوي ٿي.جيڪي پنھنجي ھرحال ۾ گزاريل ماضيءَ سان بي پناھ محبت ڪندا آھن.ھي ڪتاب انهيءَ ڪري  به اھميت جوڳو آھي ،جو ھن ۾ ھڪ دور جي مستقبل جون تعليمي مشڪلاتون،عزم،چيلنجز، حاصلاتون۽ ناڪاميون واضح ڪيون ويون آھن.ڪتاب اڄ جي نسل لاءِ نوٽس بورڊ جيئان آھي ،جنھن ۾ ھنن لاءِ ڪيئي سوال ۽ جواب تحرير ٿيل آھن.جن جي پوئواري کين روشنيءَ جي ڪرڻن وانگر محسوس ٿيندي.جنھن مان تعليم،تفريح،آزادي، انساني احترام ۽ محبت جھڙي جذبي جا سک پلئه پوندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.