ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي جي ملير ضلعي ۾ هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين جي مبينا غيرقانوني الاٽمينٽ واري معاملي تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
نيب اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر محمد علي شاهه، بااثر شخص اي جي مجيد، خالد يوسف، عماد چاچڙ ۽ ٻين خلاف جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.
ان حوالي سان روينيو کاتي کان سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.
نيب اختيارين موجب، شڪايتن جي بنياد تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن قومي ناڻي کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائي ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
You might also like