آمريڪي ڪانگريس جو تاريخي فيصلو، ايران خلاف جنگ بابت ٽرمپ جا اختيار محدود

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران خلاف جنگ بابت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ وارو ٺهراءُ آمريڪي ڪانگريس مان منظور ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ٺهراءُ جي منظوري کانپوءِ هاڻي ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي ڪارروائي ڪانگريس جي باضابطا منظوري سان مشروط هوندي.
ڊيموڪريٽس طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ جي حق ۾ 215 ووٽ پيا، جڏهن ته ان جي مخالفت ۾ 208 ووٽ آيا.
خاص ڳالهه اها آهي ته چار ريپبلڪن سينيٽرن به پنهنجي پارٽي پاليسي کان هٽي ڪري هن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.