پيٽرول اگهه ٽن سالن لاءِ 250 رپيا ليٽر مقرر ڪيو وڃي:سهيل عزيز

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پاڪ انٽرنيشنل بزنس فورم ڪراچي جي صدر سهيل عزيز بجيٽ 2026/27 جي حوالي سان حڪومت کي انقلابي قدمن ۽ عوام کي فوري رليف ڏيڻ جون تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن. پي آئي بي ايف جي سي اي سي جي ميمبرن سان مشاورت کانپوءِ سهيل عزيز هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عوامي رليف لاءِ سڀ کان پهرين پيٽرول جي قيمت ٽن سالن لاءِ 250 رپيا في ليٽر تي منجمد ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ جي ڪاروبار کي يقيني ماحول ملي ۽ چرخو هلي سگهي، ان سان  گڏوگڏ بنيادي ضرورت جي شين جي پيداواري لاڳت گهٽ ڪئي وڃي ۽ ان کي به ٽن سالن لاءِ منجمد ڪيو وڃي ته جيئن عوام به پنهنجي بجيٽ ٺاهي سگهي. سهيل عزيز چيو ته جيڪڏهن حڪومت ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ چاهي ٿي ته کيس انقلابي قدم کڻڻا پوندا.سڀ کان پهرين ته آئي ايم ايف کي هميشه لاءِ گڊ بائي چوڻ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ حڪومت ان طرف سنجيده قدم کڻي، قوم ساٿ ڏيندي.ٻيو وڏو قدم ملڪ ۾ ٽيڪسيشن جي نظام کي مڪمل طور تي اوور هال (درست) ڪيو وڃي. وزيراعظم مسلسل شڪايت ڪري رهيو آهي ته ايف بي آر هر سال 15 هزار اربن جو ٽيڪس وصول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ته پوءِ ان اداري جو ڪهڙو فائدو، تنهنڪري يا ته ادارو ختم ڪري ٽيڪس جو سڄو نظام خودڪار بڻايو وڃي يا پھرين اداري ۾ شفافيت آندي وڃي، ڪرپٽ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي، هن اداري جي شهرت ملڪ جي ڪرپٽ ادارن ۾ سڀ کان اڳڀري آهي.عام ماڻهو تان ٽيڪس جو بوجھ گهٽ ڪيو وڃي.آئي ايم ايف جي ٺاهيل بجيٽ ڪڏهن به خساري کان سواءِ نه ٺهندي، خساري کان پاڪ بجيٽ لاءِ ملڪ جي تاجر برادري، ايمپورٽرز ۽ سيڙپڪارن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. سندن مشوري ۽ گڏيل ذميواري سان بجيٽ ٺاهي وڃي.هن مطالبو ڪيو ته:پيٽرول، بجلي ۽ گئس جون قيمتون ٽن سالن لاءِ گهٽ ڪيون وڃن. پيٽرول ٽن سالن تائين 250 رپيا في ليٽر وڪرو ڪيو وڃي، صنعتن ۽ گهرو واهپيدارن کي ٻارڻ نه ملي ته سڄو نظام بگڙجي ويندو آهي.عام استعمال جي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ استحڪام پيدا ڪيو وڃي، آئي ڏينهن قيمتن ۾ اضافو ڪاروبار کي بري طرح متاثر ڪري ٿو.مقامي صنعتن ۽ ايس ايم ايز کي سهولتون ڏنيون وڃن، بلڪه انهن جي سرپرستي ڪئي وڃي. ايڪسپورٽرز کي سهولتون ڏنيون وڃن، سندن ڪمن ۾ رڪاوٽون کڙيون نه ڪيون وڃن.غير ضروري درآمدات (امپورٽ) بند ڪيون وڃن.ديسي زرعي شين کي هٿي ڏني وڃي، پاڪستان زرعي ترقياتي ڪائونسل کي فعال ڪيو وڃي. جي ايم او ڀاڻ ۽ جي ايم او ٻج تي ڀاڙڻ نه وڌايو وڃي، (ايئن ڪرڻ سان) هاري مارجي ويندو، زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود قوم زرعي پيداوار کان محروم ٿي رهي آهي.سڀ کان پهريون قدم گهر کان شروع ڪيو وڃي، حڪومتي عياشيون ختم ڪيون وڃن. اربين جا جهاز، ڪروڙن جون گاڏيون ۽ بي حساب مراعتون ختم ڪيون وڃن ۽ ان رقم سان عوام کي فائدو پهچايو وڃي.هر ڪم ۾ حڪومتي ۽ طاقتور ادارن جي بيجا مداخلت نظام کي تباهه ڪري رهي آهي، هر ادارو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ته ملڪ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.