پ پ سان ملاقات هاڪاري رهي:محمد اورنگزيب

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي سان ملاقات تمام مثبت رهي، ۽ 10 جون تي هڪ بامقصد بجيٽ پيش ڪئي ويندي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ جي ملاقات تمام سٺي رهي، جڏهن ته هن هفتي جي آخر ۾ ٻيهر ملاقاتون پڻ ٿينديون.هن وڌيڪ چيو ته انٽرنيشنل  مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف)، اتحادي ڌرين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.وفاقي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته پوري ڪوشش آهي ته ڪو نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو وڃي، جڏهن ته نفاذ کي بهتر بڻائي ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪري ٽيڪس اوڳاڙي ۾ بهتري آندي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.