صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي بدلجندڙ مزاج واري شخصيت پنهنجي ملڪ توڙي ٻاهر سخت جاچ پڙتال هيٺ رهي آهي. سندس شخصيت جي ڪيترن ئي رخن ۽ حڪمرانيءَ جي انداز تي وڏي پيماني تي بحث ڪيو ويو آهي. جنهن ڳالهه کي شايد گهٽ تسليم ڪيو ويو آهي پر جيڪا وڌيڪ اهميت واري آهي، خاص ڪري سندس پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان، اُها اِها آهي ته هو ڪيئن ڪنهن اقدام يا ڪوشش جي شروعات ته ڪندو آهي پر ان کي ڪڏهن به پڄاڻي تي نه پهچائيندو آهي. هو ڪنهن عمل جو رستو ته اختيار ڪري ٿو پر ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پورو نه ٿو ڪري. چاهي اهو سندس گهٽ توجهه جي مدي، ثابت قدمي يا تسلسل جي کوٽ جي ڪري هجي، ان جو نتيجو هميشه اڌورن منصوبن جي صورت ۾ نڪري ٿو. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هو اهڙا مقصد مقرر ڪندو آهي جيڪي غير حقيقي هوندا آهن ۽ جڏهن کيس معلوم ٿيندو آهي ته اهي حاصل ڪرڻ جوڳا نه آهن، ته هو اڳتي وڌي ويندو آهي.
ٽرمپ پنهنجو رستو ان وقت تبديل ڪندو آهي جڏهن معاملا سندس مرضيءَ موجب نه هلندا آهن. هٿ ۾ کڻي آيل مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران، هو ان کي ٽارڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. هو تقريبن بي ترتيب انداز ۾ پنهنجي توجهه هڪ پاليسيءَ تان هٽائي ٻي تي لڳائي ڇڏيندو آهي، جنهن ڪري مسئلا اڻ پوريا رهجي ويندا آهن. ٽرمپ جي اڌورن منصوبن جو سڀ کان واضح مثال سندس غزه امن منصوبو آهي، جنهن جو اعلان ست مهينا اڳ وڏي ڌام ڌوم سان ڪيو ويو هو. پنهنجي ئي 20 نقاطي منصوبي تي عمل ڪرڻ بدران، هن اسرائيل سان گڏجي ايران تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. توجهه جي ان تبديليءَ غزه منصوبي کي بهترين صورت ۾ معلق ۽ بدترين صورت ۾ درهم برهم ڪري ڇڏيو. ها، جنگ بندي ته آهي، پر ان جي مسلسل ڀڃڪڙي اسرائيلي حملن ذريعي ڪئي پئي وڃي، جن آڪٽوبر 2025ع ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان وٺي هيل تائين 700 کان وڌيڪ فلسطينين جون زندگيون کسيون آهن.
اسرائيل غزه جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي قابض آهي ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو هاڻي پنهنجي فوج کي غزه پٽي جي 70 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسرائيلي فوجن جو واپسي وارو عمل، جنهن جو تصور ٽرمپ جي منصوبي ۾ ڪيو ويو هو، ڪڏهن شروع ئي نه ٿي سگهيو. حقيقت ۾، جيڪو هڪ گهڻ-مرحلي منصوبي طور پيش ڪيو ويو هو، اهو پهرين مرحلي کان اڳتي وڌي ئي نه سگهيو. جنهن بين الاقوامي استحڪام فوج جو وڏي فڪر سان ذڪر ڪيو ويو هو، اها نه ته گڏ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي تعينات ڪئي وئي آهي
جنوري 2026ع ۾ قائم ڪيل ‘امن بورڊ’ بابت هاڻي شايد ئي ڪا ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جنهن کي ٽرمپ دنيا جي سڀ کان اهم تنظيم قرار ڏنو هو. ان کي غزه جي تعميرِ نو جي ذميواري ڏني وئي هئي پر اهو ڪم اڃا شروع به ناهي ٿيو. ان جي برعڪس، رپورٽون اشارو ڪن ٿيون ته اها تنظيم قانوني ۽ سياسي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ بورڊ جي سرڪاري فنڊ ۾ ڪو به پئسو ناهي. ‘نيو غزه’ جي اڏاوت، جنهن بابت چيو ويو هو ته اها ان علائقي کي "مڊل ايسٽ جي ريويرا” (خوبصورت ساحلي علائقو) ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي، ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. غزه جا رهواسي وڏي تباهي جي وچ ۾ سخت انساني حالتن ۾ هٿ پير هڻي رهيا آهن. هي آهي ٽرمپ جي غزه امن منصوبي جي بدترين حالت، چاهي ان جو سبب سندس دلچسپي ختم ٿيڻ هجي يا صرف ايران سان جنگ ڏانهن اوليتن جو تبديل ٿيڻ.
جڏهن ڪيوف (يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ) ان جي مزاحمت ڪئي، ته جنگ جي خاتمي لاءِ ڊسمبر 2025ع ۾ آمريڪا ۽ يوڪرين جي وچ ۾ هڪ 20 نقاطي امن منصوبي تي اتفاق ڪيو ويو. پر گذريل هڪ سال دوران، ٽرمپ معمول جي مطابق يوڪرين جي قيادت جي توهين ڪئي، يوڪرين جي فوجي امداد کي روڪيو ۽ ڪيوف سان معدنيات جو معاهدو ڪرڻ جي باوجود پنهنجو موقف تبديل ڪندو رهيو. هن روس تي پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني پر ان تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو. سندس انتظاميا روس سان وقتي ڳالهين جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٽه-پاسي ملاقاتن ۾ ڪيوف ۽ ماسڪو جي وچ ۾ ڳالهين جي دلالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
آگسٽ 2025ع ۾ الاسڪا ۾ روسي صدر ولاديمير پوٽن سان ٽرمپ جي سربراهي ملاقات مان جيڪي اميدون هيون ته ڪو معاهدو يا جنگ بندي ٿيندي، اهي مٽيءَ ۾ ملي ويون. ٽرمپ پاڻ اهي اميدون وڌايون هيون ته هو پوٽن کان جنگ بندي جو عهد وٺندو. جڏهن هو ناڪام ٿيو، ته هن دعويٰ ڪئي ته تڪرار کي ختم ڪرڻ جو بهترين طريقو "سڌو سنئون امن معاهدي ڏانهن وڃڻ آهي، جيڪو جنگ کي ختم ڪري، نه ڪي صرف هڪ جنگ بندي جو معاهدو، جيڪي اڪثر قائم نه رهندا آهن.”
جيئن ته يوڪرين ۾ جنگ هلي رهي آهي، ايران جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ به امن ڳالهين کي بحال ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي. جنگ ۾ شامل ٻنهي ڌرين جو ان عمل تان اعتماد اڏامي چڪو آهي، ۽ چيو وڃي ٿو ته صدر ولوديمير زيلينسڪي آمريڪي صدر مان اميدون لاهي ڇڏيون آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته ٽرمپ جي هڪ ٻي سفارتي ڪوشش، جنهن بابت هن دعويٰ ڪئي هئي ته اها جلدي ۽ آسانيءَ سان پڄاڻي تي پهچندي، اڻپوري رهجي وئي آهي.
جڏهن ته دنيا اهو ڏسڻ جو انتظار ڪري رهي آهي ته ٽرمپ ايران جنگ کي ڪڏهن ختم ڪندو، سوال اهو آهي ته ڇا هو ائين پنهنجي بيان ڪيل مقصدن جي مطابق ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو؟ "نه جنگ، نه امن” واري صورتحال ۽ سفارتي بند گلي وارو معاملو هفتن تائين، جيڪڏهن مهينن تائين نه، ته جاري رهي سگهي ٿو. ٽرمپ لاءِ، وچ اوڀر جي بحران کي بغير ڪنهن حل جي ائين ئي ڇڏي اڳتي وڌڻ جا سياسي ۽ اقتصادي نقصان تمام گهڻا آهن. هن ڀيري سندس لاءِ بغير ڪنهن معاهدي جي نڪرڻ مشڪل هوندو، جيتوڻيڪ هو اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه ٿو اچي ته معاملا صرف سندس شرطن تي نٿا هلي سگهن. گڏوگڏ، منطقي انجام جو مطلب هڪ پائيدار معاهدو آهي جيڪو اهو يقيني بڻائي ته ٻيهر جنگ جي شروعات نه ٿئي، نه ڪي صرف هڪ مختصر مدت جي جنگ بندي جي واڌ.
ٽرمپ جي اڻپورين سفارتي ڪوششن ۽ مداخلتن جا نتيجا واضح طور تي آمريڪا جي عالمي حيثيت لاءِ نقصانڪار آهن. اهي واشنگٽن جي اتحادين ۾ آمريڪا جي ڀروسي جي حوالي سان شڪ پيدا ڪن ٿا ۽ مخالفن توڙي رقيبن کي حوصلا ڏين ٿا ته اهي پنهنجي موقف تي قائم رهن ۽ لچڪ ڏيکارڻ بدران وقت پاس ڪن. ان کان علاوه، جڏهن آمريڪا جيڪو ڪم شروع ڪري ٿو، ان کي پورو نٿو ڪري ۽ اڌورا معاملا ڇڏي اڳتي وڌي وڃي ٿو، ته هو پنهنجي ساک وڃائي ويهي ٿو. اهو لازمي طور تي دنيا ۾ سندس پوزيشن کي ڪمزور ڪري ٿو.