بدامني خلاف فيض گنج تعلقي جي سمورن شهرن ۾ هڙتال،هاءِ وي تي ڌرڻا

فيض گنج(ظهير عباس خاصخيلي) فيض گنج تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني، مقتولن کي انصاف نه ملڻ، موٽرسائيڪل ڦر ۽ ڌاڙن جي وارداتن خلاف شهري اتحادن جي سڏ تي پڪاچانگ،ڪوٽ لاڪو، ڀنگو  بهڻ،اڪري چودڳي ۽ جلالجي سميت تعلقي جي سڀني شهرن ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. ڪاروباري مرڪز، مڪمل طور بند رهيون، جنهن بعد مختلف شهرن مان قافلن جي صورت ۾ سوين شهري، سياسي و سماجي اڳواڻ پڪاچانگ پهتا، جتي مهراڻ هاءِ وي تي 5 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون.ان موقعي تي شھري اتحاد پڪاچانگ جي صدر اظھر چانگ جنر ل سيڪريٽري نياز شر سرپرست عطا الله چانگ شھري اتحاد  جلالجي جي صدر شاڪر راڄپر اڪري جي صدر امتياز اعواڻ ڀنگو بھڻ جي صدر حاجي خان شر ڪوٽ لالو جي صدر جمن خاصخيلي پڪاچانگ سوشل ويلفيئر جي صدر منور ميمڻ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاشف، پ ٽ الف سکر ڊويزن اڳواڻ فقير ادب ھيسباڻي جسقم بشير خان جي مرڪري پريس سيڪرٽري شاز خادم جسقم اڳواڻ عطا حسين شر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعلقي فيض گنج جي صورتحال انتهائي ابتر ٿيڻ ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران 3 ڄڻن جي قتل، ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪلن جي ڦر ۽ چورين جي وڌندڙ وارداتن خلاف عوام جو صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو. شهري اتحاد جي سڏ تي اڄ تعلقي جي مکيه واپاري مرڪزن پڪاچانگ، ڪوٽ لالو، ڀنگو بهڻ ۽ جلالجي  اڪري چودڳي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي  واپاري سرگرميون معطل ٿي ويون ھنن وڌيڪ چيو ته فيض گنج تعلقي کي ڏوهارين حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس امن امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي تعلقي اندر ڪا به جاءِ محفوظ ناهي پر پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ، رڳو ڪجهه ڏينهن ۾ 3 بيگناهه قتل ٿي چڪا آهن شهري ڏينهن ڏٺي جو لٽجن ٿا، موٽرسائيڪلون ۽ روڪ رقم ڦر ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي 5 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي ٺري ميرواھ ميرواھ مير امداد ٽالپر پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي ته ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جنهن بعد شھري اتحاد جي اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.