منشيات فروشن خلاف آواز اٿارڻ تي پيرسن عورت گرفتار

ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص جي علائقي ڪاڪ بنگلي ۾ گذريل ڏينهن ٿيل جهيڙي ۽ زخمين واري واقعي کانپوءِ الزام هيٺ آيل ڌر جان محمد راجپوت پنهنجي ساٿين سميت ميڊيا آڏو دانهيندي پوليس تي انتقامي ڪارروائي جا الزام هنيا آهن. جان محمد راجپوت چيو ته واقعي جو بنيادي ڪارڻ هڪ پراڻو ذاتي ۽ خانداني تڪرار آهي، پر ان معاملي کي غلط رخ ڏئي سندن خاندان کي ذاتي مفادن خاطر نشانو بڻايو پيو وڃي. هن الزام هنيو ته ٽائون ٿاڻي سان لاڳاپيل هڪ پوليس آفيسر جي سرپرستي هيٺ سندن خلاف ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن. سندس چوڻ موجب علائقي ۾ منشيات جي عام وڪري ۽ ڏي وٺ خلاف آواز اٿارڻ سبب کين هراسان ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس سندن 70 ورهين جي پيرسن  عورت کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناانصافي آهي. جان محمد راجپوت مطالبو ڪيو ته واقعي جي بنا ڪنهن ڌر جي جانبداري جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.