ڪراچي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان جاري پاڻي بحران ختم نه ٿي سگهيو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ جي جبري شٽ ڊائون سبب ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته سومر تي ڪي اليڪٽرڪ جي مين ڪيبل ۾ فالٽ پوڻ سبب حب پمپنگ اسٽيشن جي بجلي معطل ٿيڻ ڪري پاڻي جي فراهمي وڌيڪ گهٽجي وئي.موجوده صورتحال ۾ ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪندڙ شهري ٽينڪر مافيا هٿان مهانگو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حب مان ڪراچي کي روزاني 85 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب، حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي فراهمي متبادل ذريعن کان جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.