حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ھن جون ۾ 19 ھين بجيٽ پيش ڪري رهي آهي انگ اکرن ۾ ته کربين ھزار خرچ ٿيا آهن سنڌ جو خزانو لٽيو ويو آهي ھٿرادو بک معاشي ۽ سماجي تباھي ڪرپشن ۽ ڌاڙيل راڄ منشيات گردي ميرٽ جي لتاڙ بدامني جي باھ ۾ اسلام آباد جي آشيرواد سان سنڌ کي ساڙيو ٿو وڃي،هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ اھا بي چيني آهي ته اسان جا وسيلا کسيا پيا وڃن، ھڪ طرف بلاول گلگت ۾ ويھي چوي پيو ته اسلام آباد ڪراچي کسي رهي آهي ته ٻئي طرف ان جو والد موري ۾ ويھي چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جا ھٿ مضبوط ڪريو اھو سنڌ جي ماڻهن سان دوکو پيا ڪن، هن چيو ته سنڌ ۾ پوليس پروٽوڪول ۾ آئيس جو ڌنڌو ڪرايو پيو وڃي ائين آفيم جي پوک ڪرائي آفيم ۽ آئيس جو جديد شڪل ۾ ڪاروبار ڪندا سنڌ جون شگر ملون ته آصف زرداري جي قبضي ۾ آهن جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو سربراھي اجلاس اڄ 3 جون تي حيدرآباد سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي رکيو ويو آهي