سنڌ ڪابينا پاران ڪراچي ۾ روڊن جي بحالي لاءِ 11 ارب منظور

ڪراچي(ذوالفقار راڄپر) سنڌ حڪومت اربين رپين جي پيڪيج جي منظوري ڪندي سڄي صوبي ۾ پاڻي ۽ نيڪال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 8 ارب 82 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اضافي فنڊ منظور ڪيا آهن، ڪراچي  جي تباهه حال روڊن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحاليءَ لاءِ 11 ارب 19 ڪروڙ رپيا منظورسنڌ گئس جي 12.5 سيڪڙو آئيني رائلٽي نقدي بدران ان ڪائنڊ ۾ وٺندي، فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو ان نئين فارمولا تحت سنڌ کي ساليانو 26 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي مالي فائدو ٿيندو، اهي فيصلا ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيا ويا، اجلاس ۾ 111 آئوٽ سورس اسپتالن لاءِ 395 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي فيصلي تحت شاهراهه ڀٽو (سمو ڳوٺ) جي 4.5 ڪيلوميٽر ايليويٽيڊ حصي تي 171 ملين سان سولر اسٽريٽ لائيٽون لڳايون وينديون ،اجلاس ۾ مالي، انفراسٽرڪچر، توانائي، صحت، سيڪيورٽي ۽ تعليمي قدمن جي هڪ وسيع پيڪيج جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ سڄي صوبي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نڪاسي جي اسڪيمن لاءِ 8.825 ارب رپين جا اضافي فنڊ ۽ ڪراچي لاءِ 11.198 ارب رپين جا وڏا انفراسٽرڪچر منصوبا شامل آهن. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 485 ملين رپين جي لاڳت سان ”درگاهه قلندر لعل شهباز، لعل باغ ۽ سول سينٽر، سيوهڻ جي بحالي ۽ اپ لفٽنگ“ جي عنوان سان هڪ غير اي ڊي پي اسڪيم جي منظوري ڏني. هن منصوبي جو مقصد حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار ۽ ان سان لڳل عوامي جڳهن جي چوڌاري سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ آهي. سنڌ ڪابينا صوبي جي آئيني طور تي لازمي 12.5 سيڪڙو قدرتي گئس جي رائلٽي مڪمل طور تي نقدي جي بجاءِ، فيلڊ-ٽو-فيلڊ جي بنياد تي جنسي صورت ۾ (ان ڪائنڊ) حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين فريم ورڪ جي شروعات جي پڻ منظوري ڏني. هي تجويز جيڪا آئين جي آرٽيڪل 161(1)(الف )، پيٽروليم ائڪٽ 1949، ۽ لاڳو پيٽروليم ايسپلوئريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسيز اينڊ رولز سان مطابقت رکي ٿي، هڪ هائبرڊ ماڊل جو تصور پيش ڪري ٿي جنهن تحت چونڊيل گئس فيلڊز ان ڪائنڊ (جنسي) رائلٽي سسٽم ڏانهن منتقل ٿينديون جڏهن ته باقي فيلڊز لاءِ موجوده ڪيش ميڪانيزم جاري رهندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي اميد آهي ته هي بندوبست روينيو جي پيداوار کي وڌائيندو، توانائي جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائيندو، مقامي صنعت کي هٿي ڏيندو ۽ مارڪيٽ سان لاڳاپيل قيمتن تي رائلٽي گئس جي مونيٽائيزيشن (مالي فائدو حاصل ڪرڻ) کي ممڪن بڻائيندو. ڪابينا ريٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راشده صديقي جي قانون واري کاتي ۾ ٽن سالن جي مدي لاءِ صلاحڪار طور مقرري جي توثيق ڪئي. ان سان گڏ بيرسٽر سيد غلام شبير شاهه جي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ طور مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.