حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي دانشورن ، اديبن ليکڪن ،وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن نامياري ليکڪ سماج سڌارڪ ڪردار سعيد ميمڻ جي بازيابيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب ٻاھران مظاھرو ڪيو ۽ ڌرڻو ھنيو ريلي ۽ مظاھري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪئي مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل ھئا ۽ ھو سعيد ميمڻ جي بازيابي لاء سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا، ان موقعي تي نامياري دانشور جامي چانڊيو، منير شاھ ذاڪري، پي ايف يو جي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر خالد کوکر، ايڇ آر سي پي حيدرآباد جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين،امداد چانڊيو،ڊاڪٽر بدر چنا،ايس ٽي پي اڳواڻن حيدر شاھاڻي،ھوت خان گاڏھي نامياري سماج سڌارڪ اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو،فقير محمد ميمڻ،اڳوڻي ايم پي اي فقير داد کوسي، جي يو آءِ ف جي اڳواڻ مولانا اعظم جھانگيري ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سعيد ميمڻ کي جنھن به اغوا ڪيو آھي، اھي ان کي ظاھر ڪن.ھنن چيو ته سعيد ميمڻ سنڌ جو اديب ۽ ليکڪ آھي، ان جي اغوا واقعي تي سنڌ ۾ سخت ڳڻتي جي لھر ڊوڙي رھي آھي. ھنن چيو ته سعيد ميمڻ سنڌ ڄائو آھي، بلوچستان مان ان جو اغوا وارو واقعو تڪليف ڏيندڙ آھي. ھنن چيو ته افسوس ته ھن وقت تائين وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن سعيد ميمڻ جي اغوا جو سنجيدگي سان نوٽيس ناھي ورتو ۽ نه ئي ان جي بازيابي لاء ڪي خاص قدم کنيا ويا آھن. ھنن چيو ته اسان وفاقي حڪومت، بلوچستان ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا ته سعيد ميمڻ کي بازياب ڪرائڻ لاء اثرائتا قدم کڻن. ڌرڻي ۾ مغوي سعيد ميمڻ جي گھرواري نبيلا سعيد ميمڻ، ڌي مريم سعيد، پٽ عبدالرحمان سعيد، ڀائرن رشيد ميمڻ، وحيد ميمڻ، جمشيد ميمڻ، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻن لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، ايڇ يو جي اڳواڻن ڄام فريد لاکو، جاني خاصخيلي، سرواڻ مگسي، آصف بالادي، ذولفقار يوسفاڻي، رفيق عيساڻي، ادريس جتوئي، لياقت رضوي، سميت وڏي انگ ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.