شگر(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته سمورين پابندين ۽ چونڊ نشان کسڻ جي باوجود گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آئي جا اميدوار ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندا. تحريڪ انصاف ڪنهن به سياسي دٻاءُ ۾ اچي چونڊ ميدان مان هٿ نه کڻندي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ پوري طاقت سان حصو وٺندي.شگر ۾ عوامي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته پي ٽي آئي کي سياسي عمل کان ٻاهر رکڻ ۽ عوام جو مينڊيٽ کسڻ جون مسلسل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ناانصافي ۽ امتیازي سلوڪ روا رکيو پيو وڃي، پر عوام جي حمايت اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، جنهن جي بدلي اسان سڀ رڪاوٽون عبور ڪنداسين. هن چيو ته شگر ۽ گلگت بلتستان جي عوام جو باني پي ٽي آئي عمران خان سان لڳاءُ انتهائي تعريف جي لائق آهي ۽ عوام جو اعتماد اڄ به پارٽي سان گڏ آهي.هن وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي، تنهن ڪري هتي اچڻ لاءِ سياسي اڳواڻن تي اين او سي جي شرط مڙهڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. اسان جو مطالبو آهي ته گلگت بلتستان کي مڪمل آئيني حق ڏنا وڃن ۽ قومي مالياني ڪميشن ايوارڊ ۾ به هن خطي کي سندس جائز حصو ملي. قومي هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آئي تي وڌيڪ سياسي دٻاءُ وڌو ويو ۽ سياسي انتقام جو سلسلو بند نه ٿيو، ته پارٽي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ مان بائيڪاٽ ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿي.