ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ شازيه مري گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ وفاقي حڪومت تي اثر و رسوخ ۽ سرڪاري وسيلن جي استعمال جو الزام لڳائي ڇڏيو آھي.ڪراچيءَ مان جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته گلگت بلتستان ۾ وفاقي وزيرن جي چونڊ مهم ۾ موجودگي ۽ سرڪاري مشينريءَ جو استعمال ڳڻتيءَ جوڳو آهي.هن چيو ته چونڊ عمل ۾ مداخلت شفافيت ۽ منصفاڻي چونڊن تي سواليه نشان آهي، اليڪشن لاءِ ’ليول پليئنگ فيلڊ‘ (برابر جا موقعا) انتهائي لازمي آهي.هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جي فارم 45 ۽ فارم 47 بابت بيان کي مقصد ۽ سياق و سباق کان هٽائي پيش ڪيو پيو وڃي.هن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو عوام کي ياد ڏياريو ته گذريل چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کان 9 سيٽون ڦريون ويون هيون، پي پي چيئرمين عوام کي چيو هو ته پنهنجي ووٽ ۽ فارم 45 جي حفاظت ڪن.