ڪڏهن به ماءُ جهڙو مقام نه ماڻي سگهنديس، اڄ به امان جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي: جهانوي ڪپور

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور پنهنجي ماءُ ۽ ڀارتي فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪارا سري ديوي جي وڇوڙي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خال قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو اهڙو ڏک آهي جيڪو وقت گذرڻ باوجود ڪڏهن به مڪمل طور تي ختم نٿو ٿي سگهي.
هڪ انٽرويو ۾ جهانوي ڪپور پنهنجي ذاتي زندگيءَ، ڪيريئر ۽ ماءُ سان گهاريل پلن تي تفصيلي روشني وڌي.
هن چيو ته سري ديوي رڳو هڪ عظيم اداڪارا ئي نه پر هڪ اهڙي شخصيت هئي جنهن جي مثال ڏيڻ به ڏکيو آهي.
اداڪارا موجب، ڪو به شخص سري ديوي جهڙو نه ٿو ٿي سگهي ۽ هوءَ پاڻ به ڪڏهن پنهنجي ماءُ جي مقام تائين پهچڻ جو دعويٰ نٿي ڪري سگهي.
جهانوي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته اڪثر ماڻهو سندس ڀيٽ سري ديوي سان ڪندا آهن، جڏهن ته سندس خيال ۾ ماءُ جي شخصيت، فنڪاراڻي صلاحيت ۽ انڊسٽري تي اثر منفرد هئا.
هن چيو ته سري ديوي جيڪو مقام حاصل ڪيو، اهو پنهنجي نوعيت ۾ بي مثال آهي.
اداڪارا موجب، ماءُ جي جي وڇوڙي جو صدمو اڄ به سندس دل ۾ موجود آهي ۽ اهو اهڙو ڦٽ آهي جيڪو شايد ڪڏهن به پوريءَ ريت نه ڀرجي سگهندو.
هن چيو ته سندس ڪوشش اها ئي هوندي آهي ته پنهنجي ڪم ۽ پرفارمنس ذريعي امڙ جي شاندار ورثي کي اڳتي وڌائي ۽ سندن ياد کي زنده رکي.
جهانوي ڪپور وڌيڪ چيو ته پيشيواراڻي زندگيءَ ۾ ملندڙ نوان موقعا سندس لاءِ خاص اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي کيس پنهنجي ماءُ جي ياد ۽ خوابن سان جوڙي رکن ٿا.
سندس چوڻ هو ته هر ڪاميابي کيس خوشي ته ڏئي ٿي، پر ان سان گڏ کيس پنهنجي ماءُ جي کوٽ به شدت سان محسوس ٿئي ٿي.
هن اعتراف ڪيو ته ڪامياب فلمون، شهرت ۽ ڪيريئر جون اهم ڪاميابيون به سندس زندگيءَ ۾ موجود ان خال کي ڀري نٿيون ڪري سگهن جيڪو سري ديويءَ جي دنيا مان الوداع ڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيو.
جهانويءَ موجب، ماءُ جي محبت ۽ موجودگيءَ جو ڪو به متبادل ناهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته سندس وڇوڙو جو درد هميشه گڏ رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.