ميٽا پاران گهٽ عمر وارن واهپيدارن جي اڪائونٽن لاءِ سخت پابنديون لاڳو

ميٽا سڄي دنيا ۾ انسٽاگرام، فيس بڪ ۽ ميسينجر استعمال ڪندڙ گهٽ عمر وارن واهپيدارن جي تحفظ لاءِ نيون ۽ سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

رپورٽ موجب ڪمپني چيو آهي ته 13 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ٽين ايج واهپيدارن جي اڪائونٽن تي نيون حفاظتي سيٽنگس لاڳو ڪيون پيون وڃن. 2 جون کان ميٽا جي سڀني پليٽ فارمز تي گهٽ عمر وارن واهپيدارن لاءِ مواد بابت وڌيڪ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. اهي سيٽنگز اڳ آمريڪا، آسٽريليا، برطانيا ۽ ڪينيڊا ۾ متعارف ڪرايون ويون هيون، جڏهن ته هاڻي انهن کي عالمي سطح تي وڌايو پيو وڃي.

رپورٽ موجب ميٽا ٻڌايو آهي ته هو هڪ حفاظتي ڪمپني سان گڏجي گهٽ عمر وارن واهپيدارن لاءِ نون فيچرز جي تياري ۽ جاچ لاءِ ڪم ڪندو. نون ضابطن تحت ٽين (Teen) اڪائونٽس هاڻي اهڙن اڪائونٽس جو مواد نه ڏسي سگهندا ۽ نه ئي انهن کي فالو ڪري سگهندا جيڪي اڪثر غير مناسب مواد شيئر ڪندا آهن. اهڙن اڪائونٽس کي 18 سالن کان گهٽ عمر وارن واهپيدارن جي سفارش ڪيل مواد ۽ سرچ نتيجن مان به هٽايو ويندو. ان کانسواءِ ڪجهه سرچ اصطلاحن جهڙوڪ شراب جي استعمال سان لاڳاپيل مواد تائين پهچ به محدود ڪئي ويندي. نئين ”لميٽيڊ ڪنٽينٽ سيٽنگ“ ذريعي والدين پنهنجي ٻارن کي تبصرن (ڪمينٽس) ڏسڻ کان به روڪي سگهندا، ايتري قدر جو هو پنهنجي پوسٽن تي ٿيل تبصرا به نه ڏسي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.