چوندا آهن ته ”مرض ته مرض، پر قرض وڏو مرض آهي.“ ايئن پيو لڳي ته اڳين حڪومتن وانگر موجوده شھباز شريف حڪومت به قرض ۽ خيرات تي ملڪ هلائي رهي آهي، جنهن گذريل ٻن سالن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي قرض وٺڻ ۾ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. مليل انگن اکرن موجب مارچ2026ع تائين پاڪستان مٿان قرض 97307 ارب ڊالرز تائين پهچي ويو آهي جنهن ۾ 57 هزار1566 ارب مقامي ۽ 35 هزار ارب کان وڌيڪ غير ملڪي قرض شامل آهن. ورلڊ بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب هر ٻيو پاڪستاني غربت جو شڪار ۽ هر ٽيون نوجوان بيروزگار آهي. سينيٽ ۾ جاري ڪيل تفصيل ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرع 07 فيصد کان وڌي وئي آهي. گذريل سال 24،25 ۾ 59 لک پاڪستاني بيروزگار هئا جنهن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته ڪنهن به ملڪ جو دفاعي ڍانچو معيشت جي بنياد تي ٺهيل هوندو آهي، پاڪستان جي معيشت پرڏيهي قرضن ۽ وياج جي بنياد تي ٺهيل آهي. جنهن ڏينهن قرض ملڻ بند ٿي ويا اهو ڍانچو ڦهڪو ڪري اچي ڪري پوندو. ملڪ قرض ۽ خيرات تي نه، پر خودانحصاري، ڪفايت شعاري، خودداري ۽ مڪمل ذميواري سان هلندا آهن. 17 هزار ارب جي سالياني بجيٽ جو اڌ حصو وياج ۾ وڃي رهيو آهي ۽ باقي حڪمرانن جي عيش عشرت ۾ خرچ ٿي رهيو آهي. وياج کي الله ۽ ان جي رسول صه سان جنگ ڪرڻ برابر قرار ڏنو ويو آهي، پر حڪمرانن قرآن ۽ سنت جي ابتڙ ملڪ جو سمورو سسٽم وياج جي نظام تي رکي ڇڏيو آهي. وياج جي لعنت کي ختم ڪرڻ بدران حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر وياج جي شرح ۾ اضافو ڪيو آهي جڏهن ته هڪ سيڪڙو واڌ سان قرضن ۾ 540 ارب رپين جو اضافو ٿي ويندو. اهڙي حڪمرانن جي موجودگي ۾ عوام ڪجهه به حاصل نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن انهن کي 100 ارب ڊالرز به ڏنا وڃن ته به اهي پاڻ ۾ ورهائي کائي ويندا ۽ عوام ساڳيو ئي سورن ۾ هوندو.
پيٽرول اگهن ۾ واڌ سميت مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت ھڪ سو رپيا وڌائي ڪجهه رپيا لاٿ ڪري عوام تي احسان ڪري رھي آھي ڇوته معمولي گھٽتائي سائين ٽرانسپورٽ سميت عام واھپي جي اگھن تي ڪوبه فرق نٿو پوي البته حڪومت کي 22رپيا بدران 122 رپيا ليوي ختم ڪري عوام کي ريليف ڏيڻ کپي. وري ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي وڌيڪ 860 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس، پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ختم توڙي بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ اڃان وڌيڪ اضافي سميت آءِ ايم ايف 11 نوان شرط لڳائي ڇڏيا آهن. اڳ ۾ ئي مهانگائي توڙِ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ٿيل واڌ عوام کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. تعجب آهي ته ساڳي آءِ ايم ايف کي حڪمرانن جي ڪرپشن، شاهي اخراجات ۽ مراعاتن تي ڪوبه اعتراض ڪونهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته آءِ ايم ايف سامراجي قوتن جو هڪ هٿيار آهي جنهن سان خودمختار ۽ ترقي پذير ملڪن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قرضن جي ڄار ذريعي پنجوڙ ۾ ڦاسائي غلام بڻائيندا آهن.
اڄ تائين جنهن به ملڪ آءِ ايم ايف کان قرض ورتو آهي اهو سڌو ڪونه ٿيو آهي. پاڪستان جهڙو ايٽمي صلاحيت جو حامل ملڪ توڙي گيس، پيٽرول، ڪوئلي ۽ سون سميت ٻين قدرتي نعمتن سان مالا مال ملڪ هجڻ باوجود به پنهنجي مرضي سان پيٽرول ۽ گيس جا اگهه مقرر نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري عوام کي ڪو رليف ڏئي سگهي ٿو ان لاءِ به آءِ ايم ايف ڀوتار جي منظوري ضروري هوندي آهي. پاڪستان جو ٻچو ٻچو هن وقت قرضي آهي ٻئي پاسي حڪمرانن جا شاهي خرچ ۽ مُفت خوري ختم ٿيڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي وٺي. قرض حڪمران کڻي عياشيون ڪن وري ٽيڪس ۽ مهانگائي جي صورت ۾ ان جو سمورو بار ۽ سخت تڪليفن مان عوام کي گذرڻو ٿو پوي.
ڏٺو وڃي ته هن وقت اندروني ۽ ٻاهريان قرض ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي چڪا آهن. هر حڪومت قرض وٺي پنهنجو ڪاروبار هلائيندي آهي ۽ ايندڙ حڪومتون وڌيڪ قرض وٺي ملڪ ۽ قوم کي وڌيڪ قرضي بڻائي رهيون آھن، جنهن جي ڪري ملڪ مسئلن مان نڪرڻ بدران وڌيڪ بحرانن ۾ ڦاسي پيو آهي. ٻئي طرف، پاڪستان قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالا مال آهي جنهن ۾ تيل، گئس، پيٽرول، ڪوئلو، سون، درياءَ ۽ ايٽمي صلاحيت توڙي ٻيا قدرتي وسيلا شامل آهن. ان مان اھا ڳالھه پٽ پڌري ٿي ته اصل مسئلو قابل ۽ ايماندار قيادت جي کوٽ آهي. انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ملڪ کي قرضن ۽ سود جي لعنت کان بچائي ۽ عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران پنهنجي عيش عشرت جي خرچن تي ڪنٽرول توڙي پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي قيمتن کي گهٽائي عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪري انهن کي عزت سان جيئڻ جو حق ڏئي.