نه وسرندڙ شخصيت: غلام مرتضيٰ بلوچ

سامي ميمڻ

قومون پنهنجي انهن ماڻهن کي ڪڏهن به وساري نٿيون سگهن، جيڪي پنهنجي زندگي عوام جي خدمت، سياسي جدوجهد ۽ سماجي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙين شخصيتن مان هڪ نالو مرحوم غلام مرتضيٰ بلوچ جو به آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي عوامي خدمت، پاڪستان پيپلز پارٽي سان وفاداري ۽ ملير، گڏاپ سميت پوري ضلعي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اڄ جڏهن سندس ڇهين ورسي ملهائي پئي وڃي ته هزارين ماڻهو کيس محبت، احترام ۽ عقيدت سان ياد ڪري رهيا آهن.

غلام مرتضيٰ بلوچ جو تعلق گڏاپ ٽائون جي تاريخي ڳوٺ حاجي فقير محمد ڳوٺ سان هو. هو هڪ اهڙي سياسي خاندان ۽ ماحول ۾ پروان چڙهيو، جتي عوامي خدمت کي عبادت سمجهيو ويندو هو. نوجواني کان ئي هن عوامي مسئلن ۾ دلچسپي ورتي ۽ ماڻهن جي ڏکن سکَن ۾ شريڪ رهڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو.مرحوم مرتضيٰ بلوچ پاڪستان پيپلز پارٽي سان وابستگي اختيار ڪرڻ بعد مسلسل سياسي جدوجهد ڪندو رهيو. هن پارٽي جي ڏکين ڏينهن ۾ به ساٿ نه ڇڏيو. سندس سياسي زندگي جو وڏو حصو عوامي رابطا، تنظيمي ڪم ۽ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ ۾ گذريو. انهيءَ ئي وفاداري ۽ محنت سبب هو پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ هو ٻه ڀيرا ٽائون ناظم چونڊيو ويو. ان دور ۾ هن گڏاپ ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. پاڻي، رستن، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ سندس خدمتون اڄ به علائقي جا ماڻهو ياد ڪن ٿا.سال 2013ع جي ننڍي چونڊن ۾ غلام مرتضيٰ بلوچ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. هن پنهنجي سياسي مخالفن کي شڪست ڏئي عوام جو اعتماد حاصل ڪيو. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت ۾ صوبائي وزير محنت مقرر ڪيو ويو، جتي هن مزدورن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ مختلف قدمن تي ڪم ڪيو.  2018ع جي عام چونڊن ۾ هن پي ايس-88 ملير تان ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي. ان وقت ضلعي ملير ۾ پيپلز پارٽي جي تنظيم کي مضبوط ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ سندس ڪردار انتهائي اهم رهيو. سندس سياسي حڪمت عملي ۽ عوامي رابطن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ملير مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون اهم سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي.چونڊن کان پوءِ کيس ڪچي آبادين ۽ بعد ۾ هيومن سيٽلمينٽس جي وزارت ڏني  وئي. وزارت جي ذميواري دوران هن غريب آبادين جي رهواسين جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون. سندس خواهش هئي ته هر شهري کي رهائش، پاڻي ۽ بنيادي سهولتون مهيا ٿين.

غلام مرتضيٰ بلوچ جي شخصيت جو سڀ کان نمايان پاسو سندس عوام سان محبت هئي. سندس آفيس جا دروازا هر وقت عام ماڻهن لاءِ کليل هوندا هئا. هو امير ۽ غريب ۾ فرق نه ڪندو هو. ڪنهن به ماڻهو جي فون ڪال يا مسئلي کي نظرانداز ڪرڻ سندس مزاج ۾ شامل نه هو. علائقي جا ماڻهو اڄ به چون ٿا ته هو رڳو سياستدان نه پر هڪ همدرد انسان هو.جون 2020ع ۾ جڏهن سڄي دنيا ڪورونا وائرس جي وبا جي لپيٽ ۾ هئي، تڏهن غلام مرتضيٰ بلوچ به عوامي خدمت جي ميدان ۾ سرگرم هو. ضلعي ملير ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪورونا فوڪل پرسن جي حيثيت سان هو مسلسل ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، امدادي سرگرمين جي نگراني ۽ متاثر خاندانن جي مدد ۾ مصروف رهيو. انهيءَ دوران هو پاڻ به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

14 مئي 2020ع تي سندس ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي. طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن تائين هو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو. ڊاڪٽرن جي ڪوششن باوجود 2 جون 2020ع تي هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات جي خبر سڄي سنڌ، خاص طور ملير ۽ گڏاپ جي ماڻهن لاءِ وڏي صدمي کان گهٽ نه هئي. سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کيس سچو جيالو قرار ڏنو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس خدمتن کي پارٽي ۽ عوام لاءِ قيمتي اثاثو قرار ڏنو. مرحوم جي تدفين سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، جتي هزارين ماڻهن شرڪت ڪري کيس آخري الوداع چيو. اهو منظر سندس عوامي مقبوليت ۽ ماڻهن جي محبت جو زنده ثبوت هو.

اڄ سندس ڇهين ورسي جي موقعي تي به گڏاپ، ملير ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان ماڻهو سندس قبر تي حاضري ڀري رهيا آهن. سياسي ڪارڪن، سماجي اڳواڻ، صحافي ۽ عام شهري کيس خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. سندس ساٿي ۽ دوست اڄ به اهو اعتراف ڪن ٿا ته غلام مرتضيٰ بلوچ جهڙا مخلص، باوقار ۽ عوام دوست اڳواڻ گهٽ پيدا ٿيندا آهن.غلام مرتضيٰ بلوچ جي زندگي اسان لاءِ هڪ سبق آهي ته عوامي خدمت، اخلاص، وفاداري ۽ انسان دوستي ئي اصل سرمايو آهن. وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهو دنيا مان هليا ويندا آهن، پر سندن ڪردار، خدمتون ۽ نيڪيون هميشه زنده رهنديون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.