اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ مئي 2026ع دوران مهانگائي جي شرح 23 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، ڳڻپ کاتي جي ماهوار رپورٽ موجب جون 2024ع کان پوءِ مئي 2026ع ۾ مهانگائي جي شرح سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي، اپريل جي ڀيٽ ۾ مئي دوران مهانگائي ۾ 0.52 سيڪڙو اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته مئي 2026ع ۾ مهانگائي جي سالياني شرح وڌي 11.66 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته مئي 2025ع ۾ اها شرح 3.5 سيڪڙو هئي، شماريات کاتي موجب جولاءِ 2025ع کان مئي 2026ع تائين اوسط مهانگائي 6.69 سيڪڙو رهي، جڏهن ته اپريل 2026ع ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 10.89 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، رپورٽ موجب گذريل مهيني ڳوٺاڻن علائقن ۾ ماهوار بنيادن تي مهانگائي 0.30 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته شهري علائقن ۾ اها شرح 0.68 سيڪڙو رهي، شماريات کاتي موجب مئي دوران ڳوٺاڻن علائقن ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 11.48 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته شهرن ۾ اها شرح 11.79 سيڪڙو رهي.
ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 4 رپيا 95 پئسا واڌ
اسلام آباد (بيورو) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي گئس جي قيمت ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 4 رپيا 95 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام وارو گهريلو سلينڊر 58 رپيا 51 پئسا مهانگو ٿي ويو، جون مهيني لاءِ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 3 هزار 643 رپيا 41 پئسا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته في ڪلو ايل پي جي جي قيمت 308 رپيا 76 پئسا مقرر ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نيون قيمتون لاڳو ٿي چڪيون.
پيٽروليم سرچارج جي نالي تي 5 سالن ۾ عوام کان 10 هزار ارب رپيا اوڳاڙڻ جو هدف
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پيٽروليم سرچارج جي نالي تي مهانگائي جو نئون طوفان ڪنڌ کڻڻ لاءِ تيار آهي. حڪومتي منصوبي موجب، ايندڙ 5 سالن ۾ عوام جي جيبن مان هزارين ارب رپيا ڪڍڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ آءِ ايم ايف کي به عوام جو رت نپوڙڻ جي پڪي خاطري ڪرائي وئي آهي.پيٽرول جي قيمت ناهي وڌي پر عوام تي مهانگائي جو بارپوءِ به وڌندو. حڪومت پيٽروليم سرچارج جي نالي تي عوام لاءِ سخت گهيرو تيار ڪري ورتو آهي. 5 سالن ۾ عوام کان 10 هزار 780 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. دستاويزن موجب، اهو سلسلو هتي ئي نه رڪبو. 2021 کان 2031 تائين مجموعي بوجھ 16 هزار 273 ارب رپين تائين پهچندو. اهو منصوبو آئي ايم ايف جي سامهون رکي ان تي عملدرآمد ۽ ٽيڪس وصولي جو پڪو واعدو ڪيو ويو آهي. ايترو ئي نه، پر هر سال عوام تي جي ڊي پي جي 1.2 سيڪڙو جي برابر اضافي بوجھ وجهڻ جو پلان پڻ سامهون آيو آهي.نئين بجيٽ 2026-27 ۾ 1727 ارب رپين جي وصولي جو هدف آهي. ايندڙ مالي سال اهو بار وڌي 1915 ارب ۽ 2030-31 ۾ 2637 ارب تائين پهچڻ جو امڪان آهي.گذريل پنجن سالن ۾ به پيٽروليم ليوي جي نالي تي 4493 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن. هاڻوڪي مالي سال پيٽروليم ليوي جو هدف ته 1468 ارب رکيو ويو هو پر ان جي مقابلي ۾ 1546 ارب رپيا گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي.انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هر سال اهو باروڌندو ئي پيو وڃي،2020-21: ان مد ۾ 128 ارب رپيا وصول ڪيا ويا هئا. 2022-23:اڳئين سال) 580 ارب رپيا ارب رپيا.2023-24 ۾ 1019 ارب رپيا،2024-25 اها رقم 1220 ارب تائين وڃي پهتي.اضافي سرچارج لاڳو ٿيڻ تي مهانگائي جي نئين لهر ايندي، جنهن سان ٽرانسپورٽ کان وٺي روزمرهه جي ضرورت جي شين تائين هر شيءِ وڌيڪ مهانگو ٿي ويندي.