نيويارڪ ۾ تاريخي تبديلي، زهران ممداني اسرائيل ڊي پريڊ ۾ شرڪت نه ڪري روايت ٽوڙي ڇڏي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) نيو يارڪ شهر جي ميئر زهران ممداني آچر تي ٿيندڙ سالياني ”اسرائيل ڊي پريڊ“ ۾ شرڪت نه ڪئي، جنهن سبب هو ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران هن تقريب مان غير حاضر رهندڙ پهريون ميئر بڻجي ويو آهي.
نيو يارڪ ۾ اسرائيل ڊي پريڊ 1960ع جي ڏهاڪي کان هر سال ڪوٺايو ويندو آهي.
واضح رهي ته اسرائيل کان ٻاهر دنيا جي سڀ کان وڏي شهري يهودي آبادي نيويارڪ ۾ رهي ٿي، ان ڪري ماضيءَ ۾ شهر جا ميئر ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ ان تقريب ۾ باظابطا طور شريڪ ٿيندا رهيا آهن، نيو يارڪ ۾ هن وقت اٽڪل 10 لک يهودي آباد آهن.
هن سال به هزارين ماڻهو مين هٽن جي رستن تي اسرائيلي پرچمن ۽ نيرن ۽ اڇن ڦوڪڻن سان گڏ ٿيا.
ميئر زهران ممداني خميس تي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ”مون چونڊ مهم دوران ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مان هن پريڊ ۾ شرڪت نه ڪندس ۽ اسرائيلي حڪومت بابت پنهنجي موقف جو بار بار ورجائي چڪو آهيان.“
جيتوڻيڪ ممداني پريڊ ۾ شرڪت نه ڪئي، پر هن تقريب جي پرامن انعقاد لاءِ پوليس جي ڀرپور موجودگي يقيني بنائڻ جو واعدو ڪيو. ممداني جي فيصلي تي موجودا ۽ اڳوڻن اسرائيلي عهديدارن تنقيد ڪئي آهي.
گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير ڊيني ڊينن الزام لڳايو ته پريڊ ۾ شريڪ نه ٿيڻ سان ممداني ” لکين يهودين ۽ اسرائيل جي حامين کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.