پاڪستان کي آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ملي وئي

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) احمد آباد ۾ بورڊ اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيف ايگزيڪيوٽوز ڪميٽي جي ڪيترن ئي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
آءِ سي سي جي پڌرائي موجب، پاڪستان کي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2028 جي ميزباني سونپي وئي آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم پنهنجون ميچون نيوٽرل وينيوز تي کيڏندي.
آءِ سي سي موجب، ٽيسٽ ميچن ۾ ٻنهي ٽيمن جي راضپي سان خراب روشنيءَ سبب راند کي وڌ کان وڌ ممڪن بڻائڻ لاءِ پنڪ بال جي استعمال جي آزمائشي بنيادن تي منظوري ڏني وئي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ اننگز دوران وقفي جو مدو وڌائي 15 منٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وومينز چيمپئنز ٽرافي 2027 جي ونڊو به تبديل ڪئي وئي آهي، جيڪا هاڻي جون-جولاءِ جي بدران 14 کان 28 فيبروري 2027 تائين کيڏي ويندي.
پڌرائي موجب، آءِ سي سي ايمرجنگ نيشنز ٽرافي 2026 ۾ 10 ٽيمون شرڪت ڪنديون، جن ۾ 5 فل ميمبرز ۽ 5 ايسوسيئيٽ ٽيمون شامل هونديون.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 16 ٽيمن تي ٻڌل گلوبل ڪواليفائر متعارف ڪرائڻ جي به منظوري ڏني آهي.
ٻئي پاسي سنگين ڀڃڪڙين سبب ڪئناڊا ڪرڪيٽ بورڊ جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معطلي باوجود ڪئناڊا جي قومي ٽيم آءِ سي سي ايونٽس ۾ شرڪت ڪندي رهندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ سي سي جو ٻه رڪني وفد بنگلاديش جو دورو ڪندو جتي هو بي سي بي جي چونڊ عمل سميت مختلف معاملن جو جائزو وٺندو، جڏهن ته وفد سريلنڪا جو دورو به ڪري چڪو آهي جتي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان جاري اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
بورڊ وڌندڙ فرنچائز ڪرڪيٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا موجودا ڍانچي اندر رهندي بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪئلينڊر ۽ فرنچائز ڪرڪيٽ جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.