جيئن اينڊرائيڊ فون کي گهڻي عرصي تائين چارج نه ڪيو وڃي ته ڇا ٿيندو؟

هڪ اينڊرائيڊ اسمارٽ فون عام طور تي ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندو رهي ٿو، خاص طور تي جيستائين ان جي بيٽري جي عمر ختم نه ٿئي.

جڏهن بيٽري مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي ۽ فون کي ڊگهي عرصي تائين آن نه ڪيو وڃي، تڏهن مختلف مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. اسمارٽ فونز ۾ عام طور تي ليٿيم آئيون بيٽريون استعمال ٿينديون آهن، جيڪي ٻيهر چارج ڪري سگهجن ٿيون، پر انهن جي چارجنگ چڪرن جو تعداد محدود هوندو آهي. ڊوائيس جي قسم موجب بيٽري چند سؤ کان هزار ڀيرا تائين چارج ٿي سگهي ٿي.

جيڪڏهن ليٿيم آئيون بيٽري کي تمام گهڻي عرصي تائين چارج نه ڪيو وڃي ته اها ڪمزور ٿي سگهي ٿي يا ڦوڪجي (سُڄي) سگهي ٿي. ساڳئي طرح بيٽري کي هر وقت چارجنگ تي لڳائي رکڻ به ان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

بيٽري ڇو ڦوڪجي وڃي ٿي؟

جيڪڏهن فون کي بند ڪري رکيو وڃي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ان کي چارج ڪري آن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته سڀ کان عام مسئلن مان هڪ بيٽري جو ڦوڪجي وڃڻ هوندو آهي. جيتوڻيڪ ڦوڪيل بيٽري ڪجهه وقت تائين ڪم ڪندي رهي سگهي ٿي، پر ان جي جلد خراب ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي.

جيڪڏهن فون چارج ئي نه ٿئي ته ان جو مطلب ٿي سگهي ٿو ته بيٽري مڪمل طور خراب ٿي چڪي آهي يا چارجنگ ڪيبل يا پورٽ ۾ خرابي آهي. ڦوڪيل بيٽري کي تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ مناسب ناهي.

فون جي بيٽري کي بهتر حالت ۾ ڪيئن رکجي؟

جيڪڏهن توهان پراڻو اينڊرائيڊ فون ڪجهه وقت لاءِ استعمال نٿا ڪريو، مثال طور نئون فون وٺڻ کان پوءِ پراڻو فون بند ڪري رکو ٿا، ته ان کي هر ڪجهه هفتن کان پوءِ چارج ڪرڻ گهرجي. گهڻي عرصي تائين بيٽري کي بغير چارج جي ڇڏڻ سان اها ڪمزور ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن فون آن نه ٿئي ته ان کي ڪنهن سروس سينٽر مان چيڪ ڪرائڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. اهڙي حالت ۾ پراڻي بيٽري کي تبديل ڪرڻ هڪ مناسب حل هوندو آهي.

روزاني استعمال دوران به بيٽري کي هر ڀيري 100 سيڪڙو تائين چارج ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان سان بيٽري جي عمر تيزي سان گهٽجي سگهي ٿي. ڪيترين ئي ڪمپنين جو مشورو آهي ته بيٽري کي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو تائين چارج رکڻ بهتر هوندو آهي، جنهن سان ان جي ڪارڪردگي ۽ عمر برقرار رهندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.