چاهيان ٿو آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو فيصلو اسلام آباد ۾ ويٺل بابو نه عوام ڪري: بلاول

شگر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان چاهيان ٿو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو فيصلو اسلام آباد ۾ ويٺل بابو نه، پر اوهان ڪريو.
شگر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان ته سموري پي ڊي ايم کي ناراض ڪري اوهان وٽ آيو هوس، هڪ ڀيرو ٻيهر هتي اوهان جو ساٿ گهرڻ آيو آهيان، اوهان ڪڏهن به پيپلز پارٽي کي مايوس ناهي ڪيو، هو غلط فهميءَ ۾ هئا ته عوام لاءِ آواز اٿارڻ وارو ڪو نه رهندو.
هن چيو ته قائد عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي واري نعري تي عمل به ڪيو هو. پاڪستان ائٽمي طاقت بڻجي اڄ دنيا سامهون مضبوط ٿي بيٺو آهي، پيپلز پارٽي هميشه پٺتي پيل طبقن جي نمائندگي ڪئي آهي، قائد عوام گلگت بلتستان جي ڪمزور عوام جو ساٿ ڏنو، اوهان قائد عوام جو ساٿ ڏنو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ به اسان جو مطالبو آهي ته گلگت بلتستان ۾ شفاف چونڊون ٿين، اوهان کي فارم 45 هٿ ۾ کڻي واپس وڃڻو آهي، اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻو آهي، فارم 47 جو بندوبست مان پاڻ ڪندس، اميد آهي ته هن ڀيري اسان جي ڪا سيٽ چوري نه ٿيندي.
هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون تڏهن ٿين جڏهن پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن ٿئي، جڏهن گلگت بلتستان ۽ پاڪستان جون چونڊون گڏ ٿينديون ته پوءِ صحيح معنيٰ ۾ حقِ حاڪميت يقيني ٿيندو.
پ پ چيئرمين چيو ته هو هر شيءِ کي اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿا، گوادر ۽ ڪراچي کي به اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿا، اسلام آباد وارا جيڪي فيصلا ڪن ٿا، ان جو نقصان اوهان ڀوڳيو آهي.
هن چيوته ٻيون پارٽيون گلگت بلتستان ۽ گوادر کي به اسلام آباد مان هلائڻ چاهين ٿيون. جيڪڏهن وفاق ڪنگال آهي ته سڀ کان پهرين گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي وزارت بند ڪري.
هن چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آندو، شگر کان وٺي بلوچستان جي ساحلن تائين عورتن کي سهارو ملي ٿو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو تحفظ رڳو پيپلز پارٽي ڪري سگهي ٿي، ٻيون ڪنهن نه ڪنهن طرح هن پروگرام کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون، هاڻي سندن نئين سوچ اها آهي ته هي پروگرام صوبن جي حوالي ڪن، سڄي دنيا ۾ وفاقي حڪومتون اِها ذميواريون کڻنديون آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جو مطلب پروگرام بند ڪرڻ آهي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مان پرڏيهي وزير طور افغانستان کي چوندو هوس ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ماڊل بڻايو ۽ غريبن جي مدد ڪريو، هتي اهڙيون سياسي جماعتون آهن جيڪي پنهنجي ئي ڪامياب منصوبي کي بند ڪرڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، پر اسان سندن سموريون سازشون ناڪام بڻائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.