انتهاپسندي دنيا ۾ تباهي، نفرت ۽ جنگين کي جنم ڏنو آ، لاڙڪاڻي وارو واقعو مذمت جوڳو آهي:زين شاهه

سڪرنڊ (ن ع آ)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي مرڪزي صدرسيد زين شاه  چيو آهي ته انتهاپسندي هميشه دنيا ۾ تباهي، نفرت ۽ جنگين کي جنم ڏنو آهي، تنهن ڪري سماج ۾ امن، رواداري ۽ برداشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.سڪرنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته لاڙڪاڻي واري واقعي سميت ملڪ ۾ پيش آيل سمورا تشدد جا واقعا قابل مذمت آهن. سنڌ جي ڌرتي هميشه انسانيت، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندي آئي آهي، جتي نفرت ۽ انتهاپسندي جي سوچ کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويو آهي.سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ۾ هلندڙ پاڻي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مختلف سازشن ۽ حربن جو سهارو ورتو ويو، پر سنڌ جي باشعور عوام انهن ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شرپسند عنصرن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هراساني، تشدد ۽ نفرت انگيز سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.هن چيو ته نظرياتي اختلاف راءِ هر معاشري جو حصو هوندو آهي، پر اختلاف جي بنياد تي تشدد، ڌمڪيون ۽ حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿا ڪري سگهجن. سڀني سياسي، سماجي ۽ مذهبي قوتن کي آئين، قانون ۽ اخلاقي قدرن جي دائري اندر رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.ايس يو پي جي صدر وڌيڪ چيو ته قومي ۽ عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جمهوري قوتن جو اتحاد ضروري آهي. سنڌ جي دريائن، زرعي زمينن، سامونڊي حدن ۽ قدرتي وسيلن جو تحفظ هر سنڌ واسي جي ذميواري آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ روشن مستقبل جي تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.