ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي جي خدا جي بستي ۾ پٺاڻ برادري جي بااثرن پاران لاشاري برادري جي گھرن تي ڪاھ ڪئي وئي، ڇوڪري جي گهران نڪرڻ جو الزام هڻندي پورهيت جي 2 نياڻين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، پوليس برقت پهچي نينگرين کي خانگي جڳهه مان بازياب ڪرائي ورتو، علائقي خوف پکڙجي ويو، متاثرن طرفان نينگرين تي تشدد ڪرڻ جا الزام هنيا ويا، سياسي سماجي ڌريون متاثرن وٽ پهچي ويون، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته خدا جي بستي واري علائقي ۾ مبينا طور پٺاڻن جي نينگري گهران نڪري وئي ان معاملي کي جواز بڻائي مرد ۽ عورتن ھٿيارن سميت لاشاري برادري جي گهرن تي مبينا چڙهائي ڪري ٻن نياڻين کي مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا جنهن جو پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس بروقت پهچي نينگرين کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ڪرايل نينگرين جي والد متاثر خميسو لاشاري ڳالهائيندي الزام هنيو ته صبح جو گھرن مٿان ڪاھ ڪري نياڻين کي اغوا ڪيو ويو جن کي هڪ گهر اندر بند ڪري تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف ايس ايڇ او سائيٽ خير محمد ملاح جو چوڻ هو ته ڌرين جا پاڻ ۾ ويجها لاڳاپا آهن، اچ وڃ به رهي آهي اڄ پٺاڻن جي ڇوڪري کڄي وڃڻ کانپوءِ پٺاڻن الزام هنيو ته لاشارين ٻانهن کنئي آهي جنهن تان واقعو پيش آيو، الزام هيٺ آيل ڇوڪرو پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهي بازياب ڪرايل نينگرين کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو آهي، ذريعن موجب پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، ٻئي طرف شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پٺاڻ ڌرتي ڌڻين سان بي واجبيون ڪندا رهن ٿا جنهن تي خاموش نه ويهنداسين اختياريون معاملي نوٽيس وٺي افغاني پٺاڻن کي روڪين، ٻي صورت ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون.