حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي وفد جي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلهي سان ڌار ڌار ملاقات، اڳواڻن کي 7 جون تي رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، امداد قاضي سان ملاقات دوران موجوده عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ جمهوريت، سنڌو درياهه جي تحفظ، مزدورن، هارين ۽ پورهيت طبقن کي درپيش مسئلن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت مختلف اهم معاملن تي پنهنجا ويچار ونڊيا، ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته جمهوري قوتن، ترقي پسند ڌرين ۽ عوام دوست سياسي جماعتن وچ ۾ گڏيل جدوجهد ۽ رابطا وقت جي اهم ضرورت آهي، سنڌو درياهه، سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ عوامي مزاحمت کي وڌيڪ منظم ڪرڻو پوندو، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف ملڪ جي کاٻي ڌر کي پنهنجو تاريخي ڪردار نڀائڻ گهرجي، امداد قاضي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٻيلن جي زمينن تي به قبضا ڪيا پيا وڃن، ملڪ اڳ ۾ ئي ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، مٿان وري ٻيلن جي زمينن تي قبضا ڪري، ٻيلا وڍي ملڪ خصوصن سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، ملاقات ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جو وفد عوامي ورڪرز پارٽي آفيس نسيم نگر، قاسم آباد حيدرآباد پهتو، وفد ڪامريڊ بخشل ٿلهي سان ملاقات ڪئي، ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته ملڪ آئي ايم ايف ۽ ڪارپوريٽ ڪمپنيون هلائي رهيون آهن، هر سال آئي ايم ايف جي فرمائشي بجيٽ آڻي مهانگائي ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.