جاپان پاران چين جي هٿيارن جي وڌندڙ ذخيرن تي ڳڻتي جو اظهار

سنگاپور (عوامي آواز نيوز) جاپان جي دفاع واري وزير شن جيرو ڪوئيزومي بيجنگ جي ان الزام کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي ته جاپان ’نئين عسڪريت پسندي‘ جي رستي تي هلي رهيو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته چين جي فوج ۾ وڏي پيماني تي واڌارو ۽ شفافيت جي  کوٽ عالمي ورادري لاءِ سخت ڳڻتي جو سبب آهي. سنگاپور ۾ ٿيل دفاعي سربراهي اجلاس جي آخري ڏينهن خطاب ڪندي ڪوئيزومي چيو ته درحقيقت چين ۽ ان جي هٿيارن جي وسيع ذخيري بين الاقوامي برادري ۾ سنجيده خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جاپاني دفاع واري وزير جو هي بيان وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي قيادت ۾ جاپان جي وڌندڙ دفاعي صلاحيتن تي چين پاران بار بار اٿاريل اعتراضن جو هينئر تائين جو سڀ کان سخت جواب تصور ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته جاپان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي طور تي ڇڪتاڻ وارا رهيا آهن، جنهن جو وڏو سبب ٻي عالمي جنگ دوران جاپان جو چين تي حملو آهي.سنگاپور سربراهي اجلاس (شنگري لا ڊائلاگ) جي آغاز کان هڪ ڏينهن اڳ چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان جيانگ بن خبردار ڪيو هو ته ٻيهر هٿياربند ٿيندڙ جاپان جو خطرناڪ رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ هن عالمي برادري تي زور ڀريو هو ته هو جاپان جي نئين عسڪريت پسندي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻي. ٻئي طرف، جاپان مسلسل پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ڪري رهيو آهي ۽ گذريل 12 سالن کان دفاعي خرچن جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي. جاپاني ڪابينا پاران منظور ڪيل تازي بجيٽ 9 کرب ين يعني 57 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ آهي، جنهن جي ذريعي جاپان پنهنجي مجموعي قومي پيداوار جو ٻه سيڪڙو دفاع تي خرچ ڪرڻ جي هدف جي ويجهو پهچي رهيو آهي. تنهن هوندي، جاپاني حڪومت ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪي آهي ته هو ڪنهن به جنگ جي خواهشمند ناهي پر رڳو پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بنائڻ چاهي ٿي. وزير دفاع ڪوئيزومي چيو ته بدلجندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ جاپان سميت هر ملڪ جو پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي جديد بڻائڻ بلڪل فطري عمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.