واشنگٽن(معيد پيرزاده) پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ گلگت بلتستان جي چونڊن کان بهتر ڪو ماڊل ناهي. بلاول ڀٽو زرداري اسڪردو ايئرپورٽ پهچي چڪو آهي ۽ هو اتي پيپلز پارٽي جي اليڪشن مهم جي اڳواڻي ڪندو. مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ به اتي مهم هلائي رهيا آهن. خواجه سعد رفيق دعويٰ ڪئي آهي ته جنهن طرح اسد قيصر کي جهاز ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو، ائين ئي کيس به اسڪردو وڃڻ کان روڪيو ويو. اسد قيصر ۽ مصطفيٰ نواز کوکر پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو هو ته پوليس کين اسڪردو وڃڻ کان روڪيو. ٻئي طرف هُنزا مان پي ٽي آءِ جي جنيّد اڪبر کي هٿڪڙيون لڳائي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس اتان ڪڍيو ويو. ان صورتحال تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير گلگت بلتستان جي چيف جسٽس کي خط لکي نوٽيس وٺڻ جو چيو آهي.ايڪسپريس ٽريبيون ۾ هڪ تمام بهترين تجزيو ڇپيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اصل ڳالهه اها ناهي ته ڪير کٽي ٿو يا هاري ٿو، پر اصل اشو اهو آهي ته ڇا گلگت بلتستان جي مخصوص چيلنجز جهڙوڪ گليشيئرز، غير معمولي موسم ۽ ڪنيڪٽيويٽي جي مسئلن تي ڪو سياسي بحث ٿي رهي آهي؟ گلگت بلتستان کي پاڪستان جو حصو بڻائي اتي گورنر، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۽ عدالتون ته قائم ڪيون ويون آهن پر پاڪستان جي سياسي ڍانچي، اسيمبلي يا سينيٽ ۾ کين ڪا نمائندگي ناهي.هي آرٽيڪل شڪيل احمد شاهه نالي هڪ ماهر لکيو آهي جيڪو لنڊن مان پڙهي آيو آهي. هن تمام سٺو لکيو آهي پر هڪ وڏي غلطي ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته جي بي جي نمائندگي پاڪستان جي ڍانچي ۾ ناهي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي اقتداري ڍانچي ۾ رڳو لاهور کان پنڊي تائين جي ٻه سئو ميل جي پٽي جي نمائندگي آهي. اها نمائندگي ان ڪري ناهي جو اهي ڪنهن اسيمبلي ۾ ويٺا آهن، پر ان ڪري آهي جو فوج، عدليه ۽ اعليٰ بيوروڪريسي ۾ وڏو سيڪڙو ان پٽي جي ماڻهن جو آهي. تنهنڪري رڳو انهن جا ڪم ٿين ٿا ۽ باقي سڄو پاڪستان دانهون ڪري ٿو. اسان جي اسٽيبلشمينٽ هينئر پنهنجو پاڻ کي چائنيز ڪميونسٽ پارٽي وانگر بڻائڻ چاهي ٿي، پر هو اهو وساري ويهن ٿا ته سي سي پي جا 10 ڪروڙ ميمبر آهن ۽ اهي عوام جي وچ مان رڊن، ٽيڪسيشن، تعليم ۽ صحت جا ڪم سکي مٿي اچن ٿا. شي جن پنگ پنهنجو سفر هڪ ڳوٺ مان شروع ڪيو ۽ ريوينيو مئنيجمينٽ، ٽيڪنالاجي ۽ صوبائي حڪومت هلائڻ کانپوءِ مرڪزي قيادت تائين پهتو. اها هڪ ميرٽوڪريسي آهي پر اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي ذهن ۾ اهي ڳالهيون نٿيون اچن، ڇاڪاڻ ته سندن پورو ڪنٽرول آهي ۽ کين ڪير سمجهائڻ وارو ناهي.