ڪراچي/شڪارپور (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته سموري سنڌ جيان شڪارپور ضلعي کي پڻ قبيلائي جھيڙن بدامني ڌاڙيل راڄ توڙي وڏيرا شاھي تباھ ڪري ڇڏيو آھي حڪومتي نااھلي ڪري سنڌ جي تاريخي شھر جو ڪاروبار تعليم تباھ ۽ عوام مٺي پاڻي ۽ امن کان محروم آھن. بااثر ڌريون ھٿ وٺي حڪومت جي سرپرستي ۾ سنڌ جي امن محبت سھپ ۽ رواداريءَ واري ڪلچر کي تباھ ڪري رھيون آھن. سنڌ ۾ عملي طور جھنگ جو قانون آھي. شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ، جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ٿيا ۽ نه ئي وري پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت سنڌ جي نياڻين پريا ڪماري فضيلا سرڪي ۽ اجالا سولنگي کي بازياب ڪرائي سگھي آھي. ظالم ۽ عوام دشمن ٽولي کان نجات لاءِ عوام کي سجاڳ ٿي ڪري سنڌ جي سڄڻن قابل ۽ صالح قيادت جي چونڊ ڪرڻي پوندي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن مقامي شادي ھال ۾ جماعت اسلامي شڪارپور پاران ڪوٺايل عيد ڊنر جي پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو .جنھن ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ جڏهن ته صوبائي اڳواڻ پروفيسر نظام الدين ميمڻ ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي مقامي امير مولانا صدر الدين مھر پڻ خطاب ڪيو.صوبائي امير شڪارپور سميت سنڌ کي درپيش مسئلن تي تفصيلي روشني وڌي ۽ اعداد و شمار سان عوامي حالتن کي بيان ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تعليم، صحت، صاف پاڻي، بدامني، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جڏهن ته حڪمران عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن۔ تاريخي حيثيت رکندڙ هي شهر به ترقياتي منصوبن جي کوٽ، صفائي جي خراب نظام ۽ روزگار جي محدود موقعن سبب ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ ھنن زور ڀريو ته جماعت اسلامي سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ هر سطح تي آواز اٿاريندي رهندي ۽ ايماندار، عوام دوست ۽ اسلامي فلاحي نظام جي قيام لاءِ جدوجهد جاري رکندي۔تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سياسي، سماجي ۽ علمي شخصيتن جماعت اسلامي جي عوامي خدمتن ۽ سنڌ جي مسئلن تي آواز بلند ڪرڻ واري ڪردار کي ساراهيو۔