ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي آرمي چيف اعتراف ڪيو آهي ته جديد جنگي ماحول ۾ ڄاڻ کي مڪمل طور تي لڪائڻ هاڻي انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي.
هڪ بيان ۾ ڀارتي آرمي چيف سندور 2.0 بابت چيو ته هاڻوڪي دور ۾ جنگي ميدان ۾ لڳ ڀڳ هر حرڪت مخالف ڌر جي نظر ۾ هوندي آهي ۽ ڄاڻ کي مڪمل طور لڪائڻ هاڻي تمام مشڪل ٿي چڪو آهي.
هن عسڪري تياري، ادارن وچ ۾ هم آهنگي ۽ معلوماتي آپريشنز جي شعبي ۾ پيش ايندڙ چئلينجن جو به ذڪر ڪيو.
ڪجهه مبصرن موجب هي بيان ڀارتي دفاعي حڪمت عملي بابت هڪ اهم اعتراف سمجهيو پيو وڃي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته سندور 2.0 بابت هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ڀارت ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملن تي حڪومت کي مختلف حلقن طرفان تنقيد سان منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
انهن جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي ڇڪتاڻ بابت بيان عوامي ڌيان جو مرڪز بڻجي سگهن ٿا.
ماهرن جو خيال آهي ته سندور 2.0 جو تصور رڳو عسڪري حڪمت عملي نه پر سياسي عنصرن کان به متاثر نظر اچي ٿو.
انهن موجب ڪنهن به ڊگهي فوجي آپريشن جي ڪاميابي جو اندازو ان جي طئي ٿيل سياسي ۽ حڪمت عملي مقصدن جي حاصل ٿيڻ سان لڳايو ويندو آهي.
ڪجهه مبصرن اها به نشاندهي ڪئي آهي ته جالنڌر ڌماڪن، پاڪستان سان مبينا لاڳاپن تي گرفتارين ۽ عالمي فورمن تي پيش ڪيل موقف سميت ڪيترن ئي معاملن کي ڀارت جي اندروني سياسي پسمنظر ۾ به ڏٺو پيو وڃي.