خراب پاڻي جو واهپو: مٺي جي هڪ ئي ڳوٺ ۾ گيسٽرو جا مريض وڌي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مٺي ويجهو هڪ ئي ڳوٺ جي هڪ ئي پاڙي ۾ گيسٽرو جي مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

ان حوالي سان ايڪسين پبلڪ هيلٿ ٿرپارڪر موجب، صحت کاتي جي نشاندهي تي آر او پلانٽ کي ٻه نوان ٽانڪ فراهم ڪيا ويا آهن.

ايڪسين پبلڪ هيلٿ ٿرپارڪر موجب آر او پلانٽ اڳ ئي فعال هو، پر ان جي ضروري مرمت کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.

هنن چيو ته ماڻهو آر او پلانٽ جو پاڻي استعمال ڪرڻ بدران بنا فلٽر ٿيل پاڻي استعمال ڪري رهيا هئا.

گذريل ٻن مهينن دوران مٺي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهن کي گيسٽرو جي شڪايت تي سول اسپتال مٺي آندو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.