ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي فراهمي جي بندش، ڪراچي کي پاڻي ملڻ بند

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن کي بجلي فراهم ڪندڙ نظام تي ڪراچي اليڪٽرڪ طرفان بجلي بند ٿيڻ سبب گذريل شام کان بند ٿيل بجلي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي.

ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بندش سبب شهر کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

ترجمان واٽر ڪارپوريشن ٻڌايو ته ڌابيجي گرڊ جي ٽرانسفارمرن ۾ فني خرابي سبب گذريل شام شٽ ڊائون ڪيو ويو هو.

ترجمان چيو ته هن جبري شٽ ڊائون سبب ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن جا 21 مان 10 پمپنگ يونٽ بند آهن.

ترجمان موجب، پمپنگ اسٽيشن بند ٿيڻ سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي روڪي وئي آهي.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته بجلي مڪمل بحال ٿيڻ بابت ڪا حتمي معلومات فراهم نه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.