اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)حڪومت سڀني بجلي واهپيدارن جي ميٽرن کي ڪيو آر ڪوڊ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. توانائي واري وزير اويس لغاري چيو آهي ته حقدار واهپيدارن کي سبسڊي ملندي رهندي.
وفاقي وزير توانائي اويس لغاري اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي بلن تي سبسڊي وٺندڙن کان ڪيو آر ڪوڊ ذريعي تفصيل گهري پئي وڃي.
هن چيو ته حڪومت محفوظ (پروٽيڪٽڊ) واهپيدارن لاءِ بجلي سبسڊي ختم نه پئي ڪري، سبسڊي ختم ٿيڻ بابت خبرون حقيقتن جي ابتڙ آهن.
اويس لغاري وڌيڪ چيو ته بجلي تي سبسڊي وٺندڙن جو انگ گذريل 4 سالن ۾ 95 لک کان وڌي 2 ڪروڙ 15 لک ٿي ويو آهي.
هن چيو ته هن وقت 2 ڪروڙ 95 لک 70 هزار يعني 86 سيڪڙو گهريلو صارفين کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، ۽ سبسڊي جو مجموعي مقدار 199 ارب مان وڌي 423 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.