ملڪ ۾ سولر پينلز ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته مالي سال 2026-27 جي بجيٽ ۾ جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) جي معياري شرح 18 سيڪڙو کان وڌائي 19 سيڪڙو ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ پاڪستاني اختياريون اڃا تائين هن تجويز جي سخت مخالفت ڪري رهيون آهن ۽ سندن موقف اهو آهي ته ان سان مهانگائي ۾اضافو ٿيندو، رپورٽ موجب جي ايس ٽي جي واڌ سان سولر پينلز، اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال 15 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ريوينيو هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ هلندڙ مالي سال جي ٽيڪس شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي ايس ٽي جي موجوده شرح کي 18 سيڪڙو کان وڌائي 19 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ان تي عمل جي صورت ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو جڏهن ته اليڪٽرڪ گاڏين ۽ سولر پينلز تي ٽيڪس هڻڻ جي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب ڄاڻ ملي آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي تيارين ۾ حڪومت مختلف تجويزن تي ڪم ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف جي تجويز تي اليڪٽرڪ وهيڪلز (اي ويز) ۽ هائبرڊ گاڏين تي جنرل سيلز ٽيڪس ۾ وڏي اضافي جي تجويز هيٺ غور ٿي رهيو آهي، جنهن سان انهن گاڏين جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا.

رپورٽ ۾ٻڌايو ويو آهي ته ذريعن موجب نئين بجيٽ ۾ هائبرڊ گاڏين تي موجوده ٽيڪس جي شرح 8 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ ۽ اليڪٽرڪ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح 1 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته سولر پينلز تي جي ايس ٽي جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو به امڪان آهي.

خابرو اداري جي رپورٽ موجب انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ اليڪٽرڪ گاڏيون، موٽر سائيڪلون، رڪشا، ٽرڪ، بس اليڪٽرڪ پڪ اپ، ٽريڪٽر ۽ ڊبل ڪيبن گاڏين جون قيمتون به چوٽ چڙهي وينديون.

صنعت ۽ پيداوار کاتي جي اختيارين اليڪٽرڪ، هاءِ برڊ گاڏين ۽ سولر پينلز تي جي ايس ٽي ۾ واڌ جي تجويزن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهي تجويزيون غور هيٺ آهن جڏهن ته فيصلو اڃا ناهي ڪيو ويو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو مشن ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪا نئين يا موثر تجويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ موجوده سمورا آپشن استعمال ڪرڻ کانپوءِ هنن جي ايس ٽي جي شرح ۾ واڌ جي تجويز پيش ڪئي جنهن تي پاڪستاني اختياريون مزاحمت ڪري رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.