حيدرآباد (پ ر) سنڌو درياهه جي وڪيل، عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ورسي جي جلسي عام جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڄام تماچي، نور نبي پليجو، ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سڀاني ڏاهري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري دريا خان زئور ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي پ پ پ حڪومت تحفظ ڏيارڻ چاهي ٿي، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌو درياهه مان پاڻي جي لهرن بدران واري اڏامي رهي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن جيان سنڌو درياهه به وڪرو ڪيو آهي، سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع موجب سنڌ کي مليل حصي جي پاڻي مان 90 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، اڳ ۾ ئي سنڌ 90 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، مٿان وري ارسا اڃا به سنڌ جو پاڻي روڪي پنجاب کي ڏئي رهي آهي، پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪئنال ڀري ست ڪروڙ سنڌين جو پاڻي روڪي سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو سنڌو درياهه جو وڪيل هو، هن سنڌو بچائڻ لاءِ جهر جهنگ جھاڳي عوامي سجاڳي پيدا ڪئي، نتيجي ۾ سنڌي قوم پنهنجي درياءَ بچائڻ لاءِ پر اميد آهي. سنڌي قوم پنهنجي دررياهه ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ جيئن رسول بخش پليجي جي اڳواڻي ۾ جدوجهدون ڪيون، هاڻ به فڪر پليجو تحت ساڳي جدوجهد جاري رهندي.