پسند جي شادي نه جرم آهي نه بغاوت

تارالنساء مري

محبت جون شاديون رڳو ٻن دلين جو ملڻ نه آهن، پر اهي ان سماج جو آئينو آهن جيڪو روايت ۽ جديديت جي وچ ۾ بيٺل آهي. جيڪڏهن اسان هن تضاد کي بندوق، قتل ۽ ڌمڪين سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان صرف رت وهائينداسين، سماج کي نه بچائي سگهنداسين. حقي تبديلي تڏهن ايندي جڏهن گهر ۾ ٻڌڻ جي روايت پيدا ٿيندي، جڏهن قانون بااثرن جي دٻاءُ کان آزاد ٿيندو، ۽ جڏهن عورت کي انسان سمجهيو ويندو نه رڳو عزت جو سامان. محبت کي مارڻ سان سماج بچي نٿو سگهي، محبت کي سمجهڻ سان ئي سماج بچندو آهي. وقت جو تقاضا اهو آهي ته اسين سهراب ۽ سسيءَ جي ڪهاڻي کي ڏک جي ڪهاڻي رهڻ ڏيون، ان کي روزاني خبر نه بڻايون. ڇو ته هڪ اهڙو سماج جيڪو پنهنجي ٻارن کي پيار ڪرڻ جي سزا موت ڏئي، اهو آخرڪار پاڻ کي ئي ختم ڪري ڇڏيندو.رڳو محبت جي شاديءَ جو ناهي، هي عورت جي وجود، عزت ۽ بنيادي انساني حقن جو مسئلو آهي. هڪ سماج جيڪو عورت کي رڳو نانگ ۽ عزت جو سامان سمجهي، ۽ هن جي مرضي، هن جي پسند، هن جي زندگيءَ جو فيصلو پنهنجي هٿ ۾ رکي، اهو سماج ترقي نه ڪري سگهي ٿو.

اها آهي ته عورت بنا ڪنهن جي اجازت جي، پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ جو آئيني ۽ شرعي حق رکي ٿي. جڏهن اسين ان حق کي گولي، قتل ۽ ڌمڪين سان دٻائيندا آهيون، ته اسين رڳو هڪ ڇوڪريءَ کي نه، پر سڄي سماج جي ضمير کي قتل ڪندا آهيون.

سچ اهو آهي ته محبت گناهه نه آهي، ۽ پسند بغاوت نه آهي. گناهه اهو آهي ته اسان صدين کان جاگيرداري، وڏيراشاهي ۽ مردانه غلبو برقرار رکڻ لاءِ عورت کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو آهي. گناهه اهو آهي ته رياست، قانون ۽ پوليس بااثرن جي اڳيان خاموش ٿي وڃن ٿا، ۽ عورت کي انصاف بدران قبر ملندي آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سنڌ هڪ سجاڳ، ترقي پسند ۽ انسان دوست سماج بڻجي، ته پوءِ اسان کي عورت کي غلاميءَ مان ڪڍي، کيس شريڪ فيصلو بڻائڻو پوندو.

ياد رکو، هڪ سماج جي ترقي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳندو آهي ته اتي عورت ڪيتري محفوظ آهي، ڪيتري آزاد آهي، ۽ ڪيتري عزت سان زندگي گذاري ٿي. جيستائين اسين عورت جي حق ۽ سچ کي تسليم نه ڪنداسين، تيستائين اسان جون ڳالهيون ترقيءَ جون، تهذيب جون ۽ جمهوريت جون رڳو خالي نعره بڻيل رهنديون. وقت اچي ويو آهي ته اسين بندوق جي بدران شعور کي چونڊيون، قتل جي بدران ڳالهه ٻولهه کي چونڊيون، ۽ موت جي بدران محبت ۽ عدل کي چونڊيون. ڇو ته هڪ اهڙو گهر، اهڙو ڳوٺ ۽ اهڙو ملڪ ئي قائم رهي سگهي ٿو جتي عورت جي عزت محفوظ هجي، ۽ هن جو سچ مڃيو وڃي.

سنڌ جي سماج ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ هڪ اهڙو لاڙو واضح طور ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جنهن کي اسين نظر انداز ڪري نه ٿا سگهون. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هاڻي والدين جي مرضي کان ٻاهر نڪري، پنهنجي پسند سان شادي ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون. هڪ پاسي هي تبديلي انفرادي آزادي ۽ سوچ جي ترقي جي علامت آهي، پر ٻئي پاسي ان جا نتيجا ڪيترين ئي زندگين لاءِ موت ۽ بربادي بڻجي رهيا آهن.

سوال اهو آهي ته آخر ڇو محبت جون شاديون وڌي رهيون آهن؟ ۽ ڇو اهي شاديون اڪثر رت سان رنگيل خبرن ۾ بدلجي وينديون آهن؟ سنڌ جو سماج اڃا تائين جاگيرداري، قبيلائي ۽ ذاتي نظام جي مضبوط گرفت ۾ آهي. هتي شادي رڳو ٻن ماڻهن جو معاملو نه آهي، پر ٻن خاندانن، ٻن برادرين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن سياسي گروهن جو معاهدو آهي. جڏهن ڪو نوجوان هن دائري کان ٻاهر نڪري ٿو ته ان کي بغاوت سمجهيو وڃي ٿو. والدين لاءِ عزت، نانگ ۽ ناموس سڀ ڪجهه آهي. نوجوان لاءِ محبت ۽ پسند. هن ٽڪراءُ ۾ اڪثر گولي هلندي آهي.

قانون موجب بالغ مرد ۽ عورت پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪري سگهن ٿا. پر حقيقت ۾ جڏهن ڪو جوڙو پوليس وٽ تحفظ لاءِ وڃي ٿو ته کين ئي مجرم بڻائي ڇڏيو وڃي ٿو. مقامي وڏيرن، سردارن ۽ بااثر ماڻهن جو دٻاءُ پوليس تي ايترو آهي جو قانون بيوس ٿي وڃي ٿو. "ڪارو ڪاري”، "غيرت جي نالي تي قتل” ۽ اغوا جا ڪيس اخبارن ۾ روزاني خبر بڻجي ويا آهن. تحفظ فراهم ڪرڻ واري نظام جي ڪمزوري انهن قتلن کي وڌائي رهي آهي.

سنڌ ۾ شادي اڃا تائين هڪ معاشي معاملو آهي. ڏاج، رسمون، کاڌا ۽ ڏيکاءُ ان کي ايترو مهانگو بڻائي ڇڏين ٿا جو غريب خاندان پنهنجي مرضيءَ جي شادي کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ان کان سواءِ "عزت” جو تصور به عورت جي جسماني ۽ سماجي روي سان ڳنڍيل آهي. هڪ ڇوڪري جيڪڏهن پنهنجي پسند جو ساٿي چونڊي ٿي ته ان کي خاندان جي نانگ تي داغ سمجهيو وڃي ٿو.   هي مسئلو رڳو نوجوانن جي ضد يا والدين جي ضد جو ناهي. هي هڪ سماجي تضاد آهي جيڪو روايت ۽ جديديت، فرد ۽ برادري، قانون ۽ رواج جي وچ ۾ پيدا ٿيو آهي.  ان جو حل بندوق سان نه، پر شعور سان نڪرندو.

پهرين، خاندانن ۾ ڳالهه ٻولهه جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. والدين کي ٻڌڻو پوندو ۽ ٻارن کي سمجهائڻو پوندو.

ٻيو، رياست کي قانون تي عمل ڪرائڻو پوندو. تحفظ مرڪز مضبوط ڪرڻا پوندا ۽ غيرت جي نالي تي قتل کي دهشتگردي جي برابر قرار ڏيڻو پوندو.  ٽيون، تعليم ۽ ميڊيا کي اهڙو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيڪو نفرت جي بدران برداشت ۽ برابري جو درس ڏئي. جيستائين اسان محبت کي گناهه ۽ پسند کي بغاوت سمجهندا رهنداسين، تيستائين اسان جي سماج ۾ هر روز ڪو نه ڪو "سهراب” ۽ "سسي” مارجندو رهندو.

سوال هاڻي اهو آهي ته ڇا اسان هڪ اهڙو سماج چاهيون ٿا جتي محبت موت ڏئي، يا هڪ اهڙو سماج جتي محبت زندگي بڻجي؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.