صدرِ مملڪت آصف علي زرداري عيد الاضحيٰ جي ٻئي ڏينهن وڏي پروٽوڪول سان لنجار هائوس مورو ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملڻ لاءِ پهتو جتي ضياء لنجار سميت پارٽي جي مخصوص ماڻهن شرڪت ڪئي جن کي آصف زرداري خطاب ڪندي چيو ته اسين سڀ گڏجي اسٽيبلشمينٽ جا هٿ مضبوط ڪنداسين.هن چيو ته ڀٽو جي ورثي کي اڳتي کڻي هلنداسين، اسان هميشه 73ع جي آئين تحت ڪم ڪيا آهن. هن چيو ته اسان ڀارت کي هڪ هفتي جي جنگ ۾ سبق سيکاريو، جڏهن ڀارت جا جهاز ڪيراياسين ته سندن عقل ٺڪاڻي اچي ويو. هن وڌيڪ چيو ته اسين سڀ ملڪ کي به مضبوط بڻائينداسين، ڀٽو ۽ سندس خاندان جي شهيدن مرتضيٰ ڀٽو شاهنواز ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪيون. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن کي ميڊيا تي نه ڏيکاريو ويندو آهي، ڀارتي حڪومت سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کان محروم آهي.
صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ ٻين سان گڏ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، جيل خاناجات جو وزير علي حسن زرداري، ، ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ، محمد عثمان عالماڻي، ڊاڪٽر بهادر ڏاهري، سردار خان محمد ڏاهري ۽ سهيل انور سيال شامل هئا۔ صدرِ چونڊيل نمائندن کي ترقياتي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ ۽ عوامي خدمت جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته عوام جي بنيادي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي وطن جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ چونڊيل نمائندن کي پنهنجون ذميواريون مؤثر نموني سان ادا ڪرڻيون پونديون۔صدر آصف علي زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ لاڳاپا هميشه مفاهمت ۽ عملي سياست جي چوڌاري گهمندا رهيا آهن.
زرداري اڪثر اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ٽڪر کان پاسو ڪندو رھيو آهي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن ۾ انهن جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪندو رهيو آهي.صدرِ مملڪت آصف علي زرداري اهو به چيو آهي ته چاليهه سال اڳ روس ۾ پيش ايندڙ چرنوبل حادثو عالمي ايٽمي شعور جي تشڪيل جو اهم موڙ هو. هن چيو ته ايٽمي حفاظت صرف ٽيڪنيڪل نه، پر مسلسل نگراني ۽ ذميواري جو تقاضو ڪري ٿي ۽ پاڪستان ايٽمي حفاظت جي اعليٰ معيار تي ڪار بند آهي. پاڪستان عالمي سطح تي ذميواراڻي ايٽمي رويي جي حمايت جاري رکندو. روس ۾ چرنوبل ايٽمي سانحي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري پيغام ۾ صدرِ مملڪت چيو ته 1986ع جي چرنوبل ڌماڪي لکين ماڻهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن کي متاثر ڪيو. چرنوبل عالمي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل ادارن متاثرين جي بحالي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو.ڇو ته ايٽمي حادثن جا اثر ڊگهي عرصي وارا ۽ اڪثر ناقابلِ تلافي هوندا آهن. چرنوبل هڪ تنبيه آهي ته هن شعبي ۾ غلطي جي ڪا به گنجائش نه آهي. ايٽمي حادثن جي قيمت ايندڙ نسلن کي چکڻي پوندي آهي. بيگناهه آبادي کي ڊگهي مدت جو نقصان پهچي سگهي ٿو. زرعي زمين، خوراڪ ۽ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿي سگهي ٿي. صحت جي نظام کي ديرپا ۽ پيچيده بيمارين جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو.
هتي سوال اهو آهي ته آصف زرداري کي اسٽبلشمينٽ سان گڏ هلڻ جو خيال ڇو آيو آهي جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کان اهي به خبرون اچن پيون ته زرداريءَ کان اسٽبلشمينٽ 28 ترميم پاس ڪرائي کيس گهر ڀيڙو ڪندي۔ هونءَ به ان ڳالهھ ۾ ڪو شڪ ئي ناھي ته پيپلز پارٽي اسٽبلشمينٽ جي لاڏلي جماعت رهي آھي شهيد ذوالفقار ڀٽو ان وقت ايوب خان کان ڌار ٿيو جڏهن عوامي ماحول ايوب خان خلاف ٿيڻ شروع ٿيو ھو نه ته ڀٽي سياست جي شروعات ئي ايوب خان جي ڪڇ مان ويھي ڪئي ھئي۔ ذوالفقار ڀٽو سنڌ کي اھڙي اوڙاھ م اڇلائي ويو جو اڄ تائين سنڌ سڙندي پئي اچي۔ ساڳيو ڪم بينظير ڀٽو به ڪيو ھر سنڌ دشمن ڪم ڪيو ۽ اقتدار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي
ھاڻي اھو ساڳيو ڪم آصف زرداري ۽ بلاول زرداري ڪري رھيا آھن. 28ھين ترميم جنهن جي اچڻ جا چٽا آثار به آھن ته منظور ٿيڻ جا امڪان به آھن. پيپلز پارٽي خاموشيءَ سان ترميم جي حمايت ضرور ڪندي اھا ترميم سنڌ جا ھٿ پير ٻڌي ڇڏيندي۔ توھان جي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي سرڪار جو حصو بڻايو ويندو۔ سموري ساحلي پٽي جيڪا ھن وقت به ھنن حوالي آھي ان تي رھيل سھيل روزگار جا ذريعا ختم ڪري وفاق حوالي ڪيو ويندو۔ توھان جي وسيلن تي توھان جو اختيار ئي ناهي ان بعد دانھن ڪوڪ ڪرڻ جو حق به کسيو پيو وڃي سمنڊ م توھان مڇي ماري نه سگھندا۔سنڌو درياءَ توھان کان کسيو پيو وڃي سچ ڪڙو آھي پرتسليم ڪرڻو پوندو ته پير پاڳاري جي قيادت ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس کي به راضي ڪيو پيو وڃي جيڪو اليڪشني اتحاد به ان جرم ۾ برابر جو شريڪ ٿيندو۔ جمعيت علماء اسلام کان وٺي شيعا علماء ڪائونسل توڙي جماعت اسلامي تائين سموريون مذھبي جماعتون نه آواز اٿارينديون نه وري ڪا سياسي مزاحمت ڪنديون۔ پيپلز پارٽي اقتدار کان سواءِ رھي سگھي ئي نٿي اھي اقتدار م رھڻ لاءِ ھر سنڌ دشمن ڪم ڪرڻ لاءِ تيار به آھن جيئن ڪندا پيا اچن۔