هن جنگ ۾ آمريڪا جا رڳو 13 فوجي مارجي ويا، جڏهن ته ٻئي پاسي ايران جا هزارين ماڻهو، جن ۾ سپريم ليڊر جي ويجها اهم اڳواڻ ۽ قيادت جا اهم فرد به شامل هئا، شهيد ٿيا. تنهن هوندي به آمريڪا هي جنگ هارائي چڪو آهي. ان جي هار جو ثبوت اهو آهي ته هو انهن مقصدن مان ڪو به مقصد حاصل نه ڪري سگهيو، جن لاءِ هي جنگ شروع ڪئي وئي هئي.
ان جو پهريون مقصد ايران ۾ حڪومت جي تبديلي (ريجيم چينج) هو، پر اهڙو ڪجهه به نه ٿي سگهيو، بلڪه ايران ۾ وڌيڪ سخت گير قيادت سامهون اچي وئي. آمريڪا ايران جي جوهري پروگرام جو خاتمو ڪرڻ ۽ افزودہ يورينيم تي قبضو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي، پر اهو مقصد به حاصل نه ٿي سگهيو. ڊونلڊ ٽرمپ جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته هي جنگ آمريڪا جي اندر ايتري غير مقبول ٿي ويندي، پر ان جنگ سندس پنهنجي مقبوليت کي به داءَ تي لڳائي ڇڏيو.
آبنائي هرمز جي بندش سبب سڄي دنيا، خاص طور تي يورپ ۽ ايشيا جي معيشتن تي غيرمعمولي دٻاءُ پيو، ۽ ان جي نتيجي ۾ اهي ملڪ جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن. آمريڪا ايران کي مشڪل ۾ وجهڻ لاءِ حملو ڪيو هو، پر ابتو پنهنجي خليجي اتحادي ملڪن کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو. آمريڪا اسرائيل جي خاطر هن جنگ ۾ شامل ٿيو هو، پر اسرائيل ايترو ته نفرت جي علامت بڻجي ويو جو پهريون ڀيرو آمريڪا ۽ يورپ اندر به ان جي خلاف آواز بلند ٿيڻ لڳا.
اهڙيءَ ريت آمريڪا هاڻي هن جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو، پر بدقسمتي سان آساني سان نڪري نٿو سگهي. ان جو پهريون سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن به مقصد جي حاصلات کان سواءِ جنگ ختم ڪن ٿا ته ملڪ اندر سندن مقبوليت وڌيڪ گهٽجي ويندي ۽ کانئن پڇيو ويندو ته اربين ڊالر جنگ تي ڇو خرچ ڪيا ويا. ڊيموڪريٽس ۽ جنگ مخالف آمريڪي ته اڳ ئي سندن ناقد هئا، پر اهڙي صورتحال ۾ صهيوني لابي جا حامي به سندن خلاف ٿي سگهن ٿا.
ان جو هڪ منظر ڪجهه ڏينهن اڳ ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي ايران جي دوري کانپوءِ آمريڪي ميڊيا اها خبر ڏني ته ايران ۽ آمريڪا هڪ فريم ورڪ تي متفق ٿي ويا آهن. اها خبر ٻڌي صهيوني لابي ۽ لنڊسي گراهم جهڙن آمريڪي سياستدانن سخت ردعمل ظاهر ڪيو.
ٻيو سبب اهو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ باراڪ اوباما جي دور ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻين ملڪن جي شموليت سان ٿيل معاهدي کي يڪطرفي طور ختم ڪيو هو ۽ ان خلاف بار بار تقريرون ڪيون هيون. هاڻي جيڪڏهن هو ان کان بهتر معاهدي کان سواءِ جنگ مان نڪرن ٿا ته کين سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پوندو. جڏهن ته زميني حقيقت اها آهي ته هن ڀيري شايد ان جهڙو معاهدو به مشڪل سان ملي.
هڪ ٻيو اهم عنصر اسرائيل آهي. اسرائيل جنگ جو حامي آهي ۽ ايران سان ڪنهن به قسم جي ڊيل جي حق ۾ نه آهي. جڏهن سندس مرضيءَ جو معاهدو نه ٿيندو ته هو آمريڪا تي دٻاءُ وڌائيندو ته جنگ جاري رکي وڃي.
چوٿين وڏي رنڊڪ آبنائي هرمز آهي. ايران ان کي جنگ کان اڳ واري حالت ۾ واپس آڻڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اتي وڌيڪ ڪنٽرول چاهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا آبنائي هرمز جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ جنگ ختم ڪري ٿو ته ان تي وڌيڪ تنقيد ٿيندي، ڇاڪاڻ ته خليجي ملڪن کي خاص طور تي ۽ يورپ سميت ٻين ملڪن کي عام طور تي آبنائي هرمز تي ايران جو ڪنٽرول يا ٽيڪس قبول نه هوندو. يعني نه ته جنگ جا گهربل نتيجا حاصل ٿيا آهن ۽ نه ئي پسنديده ڊيل ملي رهي آهي، پر ساڳئي وقت ڊيل کان سواءِ ٻيهر جنگ شروع ڪرڻ به آسان ناهي، ڇاڪاڻ ته ضروري ناهي ته ٻي جنگ مان به گهربل نتيجا حاصل ٿين. ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت انهيءَ مخمصي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هاڻي ايران جي پاسي ڏسون ٿا. ايران جو مسئلو اهو آهي ته اتي جيڪا سياسي قيادت دنيا ۽ آمريڪا سان ڊيل ڪرڻ چاهي ٿي، ان جي راهه ۾ به ڪيتريون رڪاوٽون موجود آهن. پاسدارانِ انقلاب ۽ مذهبي قيادت جي موجودگي سبب اها قيادت ڳالهين دوران اهي رعايتون به نٿي ڏئي سگهي، جيڪي شايد ڏيڻ چاهي ٿي.
ايران جي ڪاميابي اها آهي ته هن هڪ رياست جي حيثيت ۾ جنگ دوران پاڻ کي قائم رکيو ۽ خليجي ملڪن کي نشانو بڻائڻ جي امڪان سان دنيا کي پريشان رکيو. پر حقيقت اها به آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. تنهن هوندي به ايران جنگ بندي کانپوءِ فاتحانه نفسيات سان ڳالهين ۾ شامل آهي. هڪ طرف هو منجمد اثاثن جي بحالي چاهي ٿو ۽ ٻئي طرف ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ جوهري پروگرام بابت ڪا به ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. خليج فارس جو پاڻي سڀني جو گڏيل آهي، جيڪڏهن اهو صرف ايران جي ملڪيت هجي ها ته جنگ کان اڳ به ايران ان تي مڪمل ڪنٽرول رکي ها. هاڻي آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ۽ ٽيڪس جو ايراني مطالبو ان جي انهيءَ فاتحانه نفسيات جو ثبوت آهي، پر ايران اهو نٿو سوچي ته جنهن انتظام جو هو مطالبو ڪري رهيو آهي، اهو نه رڳو خليجي ملڪن پر سڄي دنيا لاءِ به قابل قبول ناهي.
ٽرمپ جون مٿي بيان ڪيل مجبوريون ۽ مسئلا ايراني قيادت جي ذهن ۾ به موجود آهن. اهي سمجهن ٿا ته آمريڪا سندن گرفت ۾ اچي ويو آهي، تنهنڪري هاڻي ان مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. پر کين اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته بنيامين نيتن ياهو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ انتهائي سخت مزاج اڳواڻ آهن ۽ انهن کان ڪنهن به قسم جي قدم جي توقع ڪري سگهجي ٿي. جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملو ڪن ٿا ته ايران وٽ جواب ۾ خليجي مسلمان ملڪن کي نشانو بڻائڻ جو آپشن موجود هوندو آهي. جيڪڏهن اهي ملڪ نشانو بڻجن ٿا ته مسلمان ئي متاثر ٿيندا، ۽ جيڪڏهن اهي جواب ڏيڻ لاءِ اٿن ٿا ته پوءِ ايراني ۽ عرب مسلمان هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويندا، جيڪا اسرائيل جي پراڻي خواهش رهي آهي.
خليجي ملڪن اها غلطي ڪئي هئي جو پنهنجي دفاع لاءِ آمريڪا تي ڀروسو ڪيو، ۽ انهيءَ سبب اڄ آمريڪا انهن جي فوجي اڏن کي استعمال ڪري ٿو. پر جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪا ڊيل ٿي وڃي ٿي ته مون کي يقين آهي ته انهن عرب ملڪن جي اڪثريت انهن اڏن جي خاتمي ۾ دير نه ڪندي. تيل جهڙي وڏي نعمت هوندي به ايراني معيشت اڳ ئي ڏکيائين جو شڪار آهي. ماڻهن جي زندگي مشڪل بڻيل آهي. جيڪڏهن ڊيل جي نتيجي ۾ پابنديون ختم ٿين ٿيون ته ايران جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿي، پر اها نفسياتي ۽ فاتحانه سوچ ايران کي معاهدي ڏانهن وڌڻ کان روڪي ٿي. ايراني دوست جنگ جي صورت ۾ ان کي سڄي خطي تائين ڦهلائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، پر هو اهو نٿا سوچين ته اهڙي جنگ اسلامي دنيا جي اندر ئي محدود رهندي، ۽ ان کي آمريڪا جي سرزمين تائين وڌائڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي.