پ پ جي ڪو چيئرمن ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري چين جي دوري تان واپسي تي هڪ مثبت پيغام ۽ خوشخبري کڻي عيد جي ٻئي ڏهاڙي تي لنجار هائوس مورو پهتو جتي هن پارٽي اڳواڻن چونڊيل ميمبرن معزز شهرين کي خطاب ڪيو جنهن ۾ هن ڪجهه اهم اعلان به ڪيا جن کي عوام پاران سٺي موٽ ملي رهي آهي ۽ صدر جي اهڙن اعلانن جي آجيان ڪئي پئي وڃي۔ سندس اهڙن اعلانن سان سنڌ جي پٺتي پيل علائقن کي ترقي ۽ هٿي ملي سگهندي۔ صدر آصف علي زرداري جي هن دوري لاءِ سخت سڪيورٽي رکي وئي هئي جنهن ۾ صحافين ۽ ميڊيا وارن جي داخلا توڙي موبائيل فون جي استعمال تي بندش هئي. صدر جو قافلو به سخت سڪيورٽي ۾ باءِ روڊ نوابشاهه کان مورو پهتو ۽ واپس نوابشاهه وريو۔ هونئن به ملڪي حالتن سبب ڪنهن وي وي آءِ پي لاءِ سخت سڪيورٽي رکڻ انتهائي ضروري به آهي۔
صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي مختصر خطاب ۾ موري جي عوام کي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۽ ميڊيڪل ڪاليج ڏيڻ جو اعلان ڪيو جنهن سان مورو ۽ انجي پسگردائي جي ماڻهن کي علاج ۽ ميڊيڪل تعليم جي سهولت پئدا ٿي سگهندي۔ صدر صاحب پنهنجي چين جي دوري بابت به ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته چين جي زرعي ترقي کي نظر ۾ رکندي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ زراعت جي هڪ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي جنهن سان هڪ ايڪڙ مان هڪ سال اندر پنجاهه لک رپيا ڪمائي سگهجن ٿا۔ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جون زمينون زرخيز ۽ نوجوان وڏي انگ ۾ زرعي سائنسدان آهن جن کي چين موڪلي اتان جي اهڙي زرعي ٽيڪنالاجي تي عمل ڪري سگهجي ٿو۔ هونئن به سنڌ جا سجاڳ آبادگار گڏيل پوک وسيلي هن وقت به پنجاهه نه ته به سال ۾ پندرهن ويهه لک ايڪڙ تي حاصل ڪري رهيا آهن۔ صدر صاحب پنهنجي ويزن ۾ اهو به اعلان ڪيو ته گوادر بندر اسانجي ملڪ جو اهم بندرگاهه آهي پر سنڌ جي تاريخي ڪيٽي بندر کي نئين سر بحال ڪيو ويندو جنهن سان ننڍا وڏا بحري جهاز اتي لنگرانداز ٿي سگهندا ٻاهرين ملڪن سان سنڌ جو وڻج واپار وڌندو ۽ سياحت کي به هٿي ملندي۔ هن کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ان قسم جو اعلان ۽ ڪابينه جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو۔
صدر آصف علي زرداري جي آمد ۽ سنڌ ويزن بابت خطاب ڪرڻ پويان ڪجهه سياسي مقصد به ٿي سگهن ٿا ۽ هو نوابشاهه مان ويهي به سنڌ ويزن بابت خطاب ۽ اعلان به ڪري پئي سگهيو پر هن ڀيري هن مورو شهر ۽ لنجار هائوس جي چونڊ ڪرڻ به ڪنهن مقصد کان خالي نه مقامي توڙي سنڌ جا سياسي حلقا به سڀ ڪجهه سمجههن ٿا ته صدر مملڪت کي هن ڀيري مورو شهر جي چونڊ ڇو ڪرڻي پئي۔ حقيقت ۾ مورو نوان جتوئي نوشهروفيروز ڀريا درٻيلو ڪنڊيارو ماضي ۾ نوابشاهه ضلعي جو حصو ۽ پ پ پ جو ڳڙهه رهيا آهن جتي سدائين جتوئين ڏاهرين بهڻن سيدن ڀرٽن ۽ ٻين سياسي قڀيلن جو وڏو اثر رهيو آهي جيڪو اثر هن وقت پنهنجي پڄاڻي طرف ويندي نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته ڪجهه سياسي فيصلن ۽ روين سبب لنجار هائوس جي طاقت به سخت مخالفت طرف ڌڪجي چڪي آهي خاص ڪري نوان جتوئي جو پشت در پشت سياسي خاندان جيڪو ڪنهن دور ۾ پ پ پ جو حصو رهيو ۽ ايم آرڊي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري چڪو هو اهو خاندان پ پ پ آڏو رڪاوٽ بڻيل آهي ۽ جي ڊي اي جي پليث فارم تان حڪومت ۽ لنجار هائوس جي سياسي طاقت خلاف سرگرم عمل آهي اهوئي سبب آهي جو سياسي حلقن ۾ به اهو بحث هلندڙ آهي ته صدر آصف علي زرداري جو مورو وارو دورو ۽ لنجار هائوس ۾ منعقد ڪيل تقريب جنهن ۾ صدر مملڪت جو خطاب پ پ پ کي نوشهروفيروز ضلعي ۾ ٻيهر منظم ڪرڻ لنجار هائوس مورو کي حوصلو ڏيڻ جو هڪ حصو هو۔
اهوئي سبب هو جو آصف علي زرداري سخت گرمي ۽ جهولن جي پرواهه نه ڪندي به لنجار هائوس مورو پهتو ۽ ڪجهه گهڙيون اتي گذاريون۔ رهيو سوال جتوئين جو خاص ڪري جتوئي ڀائرن جو ته اهي صدر مملڪت جي هن دوري کي ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح سان ڏسن ٿا تڏهن ئي خبر پوندي جڏهن هنن جو موقف ۽ بيان سامهون اچڻ لڳندا۔ بهرحال لنجار هائوس تي پ پ پ سان واڳيل مورو جا ڏاهري جيسر بهڻ سيد ڀرٽ ۽ ٻين قبيلن جا سردار چڱا مڙس ڏسڻ ۾ آيا جن صدر مملڪت سان ملاقات ڪئي مٿس اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ کيس گهرو وزير ضياء الحسن لنجار پاران پڳ ٻڌائي وئي۔ هفتو اڳ صدر مملڪت گهرو وزير ضياء الحسن لنجار کي بهترين ڪارڪردگي تي صدارتي اعزاز تمغه امتياز ڏئي چڪو آهي۔
صدر مملڪت آصف علي زرداري لنجار هائوس مورو ۾ جتي عوامي ۽ قومي مسئلن تي خطاب ڪيو ڪارڪنن کي اعتماد ۾ ورتو اتي هن ملڪ جي دفاع ۽ آئين جي تحفظ جو به مضبوط ارادن سان تفصيلي ذڪر ڪيو۔ هن واضح چيو ته ملڪ جو دفاع ۽ 73 جو آئين محفوظ هٿن ۾ آهي جنهن سان ڀٽو جي وراثت کي اڳتي کڻي وينداسين ۽ سدائين 73 جي آئين تحت ڪم ڪيو آهي جنهن تحت سڀني ادارن ۽ عوام کي گڏجي ملڪ ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مضبوط ڪرڻو پوندو جو پاڪستان آهي ته اسان سڀ هونداسين۔ هن اهو به واضح ڪيو ته ڀٽو خاندان جي شهيدن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون تنهنڪري اڳتي به ملڪ لاءِ قربانيون جاري رهنديون۔ هن ڀارتي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ڀارتي ميڊيا انهن ظلمن کي نٿو ڏيکاري۔ هن چيو ته پاڪ فوج دنيا جي مضبوط فوج آهي جنهن هفتي اندر ڀارت کي ميدان تان ڀڄائي ڇڏيو سندس جا جهاز تباهه ڪيا۔ صدر مملڪت خاطري ڪرائي ته عوام کي معاشي خودمختياري ڏئي جديد دور مطابق زراعت کي هٿي ڏني ويندي۔
صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪهڙي مقصد سان مورو آيو ڪنهن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ آيو اها الڳ ڳالهه آهي پر سندس هن دوري سان نوشهروفيروز خاص ڪري مورو واسين جو حوصلو ضرور وڌيو آهي۔ صدر مملڪت جو مورو خطاب هڪ دورانديشي ۽ وڏي داناهي وارو رهيو جنهن ۾ هن ڪنهن به سياسي مخالف تي سڌي يا اڻسڌي طرح ڪنهن به قسم جي ڪا تنقيد يا ڪردارڪشي نه ڪئي۔ هن جنهن نموني الفاظن ۽ مثالن جي چونڊ ڪئي ورجايا ان طرف اشارو هو ته هو سنڌ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو۔ دورو مختصر ئي صحيح پر اهو ڪامياب ويو۔
صدر مملڪت آصف علي زرداري جنهن جذبن جو اظهار ڪيو کيس سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ۽ وسيلن جي ڀرپور انداز ۾ مالڪي ڪرڻ گهرجي ۽ هن قسم جا دورا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڻ گهرجن جو وفاقي حڪومت ۽ ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم ته بنهه ئي سنڌ جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويٺا آهن جو ڪڏهن به هنن سنڌ جي شهرن ۾ اچڻ عوامي مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ واري ذميواري محسوس ناهي ڪئي جنهنڪري سنڌ جي ماڻهن ۾ مايوسي ڇانيل آهي۔ سنڌ جي وسيلن ۽ شهرن تي وفاق خاص ڪري پنجاب جي بد اک آهي جنهنڪري سنڌ بک بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ور چڙهيل آهي ۔ صدر مملڪت مورو کان هٽي ڪري ملڪي سطح تي جنهن زرعي ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ ايڪڙ مان پنجاهه لک ڪمائي سگهجن ٿا هڪ حوصله بخش قدم ثابت ٿيندو پر صدر مملڪت ان ڏس ۾ هڪ ٻيو به اعلان ڪري ته سنڌ جي ڪاڇي ڪوهستان ۽ ٿر ۾ الڳ الڳ زرعي يونيورسٽيون ۽ ادارا قائم ٿيڻ گهرجن جيڪي اتان جي زمينن آبهوا برساتي پاڻي جي صحيح استعمال ۽ زراعت بابت علم مُهيا ڪن جيئن ملڪ جي ٻين حصن ۾ به قائم آهن۔