حب ويجهو حادثو، 3 دوست فوت

حب (يار محمد بروهي) بلوچستان ۾ تيز رفتار موٽر سائيڪلون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، 3 دوست فوت ٿي ويا، بلوچستان جي علائقي وندر ۾ ناڪا ڪهاڙي ايريا ۾ ٽي تيز رفتار موٽر سائيڪلون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 3 دوست موقعي تي فوت ٿي ويا، پوليس موجب حادثي  ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، ذريعن موجب نوجوان ريس لڳائي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، موٽرسائيڪلون تيز رفتاري سان وڃي رهيون هيون ته پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.