مورو( رپورٽ: جاني مورائي) صدر آصف علي زرداري مورو ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۽ 1973ع جي آئين تحت سياست ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي۔ هن چيو ته ڀٽو خاندان ملڪ ۽ جمهوريت خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جن کي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي،ذوالفقار علي ڀٽو،بينظير ڀٽو،مرتضيٰ ڀٽو،شاهنواز ڀٽو شهادت قبول ڪئي ته پاڪستان لاءِ ڪئي،ملڪ هلائڻ اصل مسئلو آهي،ان ڪري مون چيو هو ته پاڪستان کپي،صدر چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ سميت سمورن قومي ادارن جا هٿ مضبوط ڪرڻا آهن ته جيئن پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي۔ هن چيو ته “پاڪستان آهي ته اسان آهيون”، تنهن ڪري قومي اتحاد ۽ يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي۔هن پنهنجي خطاب دوران ڀارت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن کي عالمي ميڊيا تي مناسب نموني ظاهر نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي چڪي آهي۔ صدر زرداري چيو ته پاڪستان ڀارت کي هڪ هفتي جي جنگ ۾ واضح پيغام ڏنو ۽ جڏهن ڀارتي جهاز ڪيرايا ويا ته انهن جي عقل ٺڪاڻي تي اچي وئي۔صدر پاڪستان دعويٰ ڪئي ته پاڪستان انهن 8 ڀارتي جهازن کي ڪيرايو جيڪي معصوم پاڪستانين تي بمباري ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ڀارت جا 40 جهاز پاڪستان جي نشاني تي هئا، جن کي پاڪستان چاهي ها ته ڪيرائي سگهي پيو۔ هن چيو ته پاڪستان جي آبادي وڌي رهي آهي،خوراڪ جي کوٽ نه هئڻ گهرجي،روس پئسا گهٽ هئڻ ڪري نه خوراڪ ختم ٿيڻ جي ڪري ٽٽو،پاڪستان کي معاشي طور مضبوط بڻائڻو آحي،مون گوادر پورٽ جو سوچيو،گوادر پورٽ پاڪستان ٺاهيندو،بلوچستان کي سڌارينداسين،پاڪستان کي اهڙو بڻائي وينداسين جو ايندڙن نسلن کي تڪيلف نه ٿئي،هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔آصف علي زرداري چيو ته موجوده دور ۾ عوام کي معاشي خودمختياري ڏيڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد لاءِ زرعي شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏني ويندي۔ هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي زراعت کي هٿي ڏئي هارين جي حالت بهتر بڻائي ويندي ته جيئن ملڪ معاشي طور وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي۔هن چيو ته ”مونکي بار بار چيو ويندو آهي ته مان اسٽيبلشمينٽ جي خلاف هلان، ڇاڪاڻ ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ هجڻ پيپلز پارٽي جو خاصو رهيو آهي. پر اسان ڇو اينٽي اسٽيبلشمينٽ ٿيون؟ اسٽيبلشمينٽ وٽ هاڻي آهي ڇا جو مان ان جي خلاف ٿيان؟ هن چيو ته اسان کي ملڪ هلائڻو آهي، اسان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اسٽيبلشمينٽ سان ملي ڪري 1973ع جي آئين تحت ڪيو آهي،عوامي اجتماع دوران پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري جي حق ۾ زوردار نعريبازي پڻ ڪئي وئي۔