چئني صوبن کي برابر حق ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ڪندو: محمود اچڪزئي

چمن (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته چئني صوبن کي برابر وسائل ۽ اختيار ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ڪندو.

رپورٽ موجب چمن ۾ گورمنٽ ماڊل اسڪول گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ کي سياسي ۽ انتظامي مسئلن کان ڪڍڻ جو واحد حل 73 جي آئين جي بحالي ۾ آهي، چونڊيل پارليامنٽ کي ئي طاقت جو بنياد تسليم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته افغانستان کي پاڪستان جي خودمختاريءَ جو احترام ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي لاءِ لازم آهن، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، ڳالهيون ئي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي ضمانت بڻجي سگهن ٿيون.

محمود اچڪزئي چيو ته سرحدي علائقن ۾ ٽريڊ فري زون قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، قبيلن کي معاشي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس ۾ رعايت جي ضرورت آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سمورين قومن کي برابر حق ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ چئني صوبن کي برابر وسيلن ۽ اختيارن ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.