نيويارڪ سٽي (ويب ڊيسڪ) ميئر نيويارڪ سٽي ظهران ممداني ايران آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ميئر نيويارڪ سٽي ظهران ممداني سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي بيان جاري ڪندي لکيو ته 3 مهينا اڳ اهڙي جنگ شروع ڪئي وئي جنهن جي حق ۾ ڪنهن ووٽ نه ڏنو، ان جنگ جي قيمت عوام ادا ڪري رهيو آهي.
ميئرنيويارڪ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪانگريس جي منظوريءَ کانسواءِ جنگ شروع ڪئي وئي، جنگ عوام جي بجيٽ شديد متاثر ڪئي آهي، جنگ سبب آمريڪا ۾ پيٽرول ۽ عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن.
هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته پهرين ڏينهن کان اڄ به هن جنگ جي خلاف آهيان، هي جنگ ختم ٿيڻ گهرجي.