ايران سان اڃا معاهدو ناهي ٿيو، ٻئي ملڪ معاهدي جي ويجهو آهن: آمريڪي نائب صدر

واشنگٽن ڊي سي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران سان اڃا معاهدو ناهي ٿيو، ٻئي ملڪن معاهدي جي ويجهو آهن.

رپورٽ موجب واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر چيو آهي ته ايران آمريڪا سان معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪا ۽ ايران جنگ بندي واري معاهدي ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي.

جي ڊي وينس چيو آهي ته اسان ڪجهه نقطن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڃا معاهدي جي منظوريءَ لاءِ تيار ناهي، وڌيڪ اڳڀرائي بعد صدر معاهدو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندو.

هن چيو ته ٻئي ملڪ معاهدي جي سڦا ويجهو آهن. آمريڪا ان پوزيشن ۾ آهي ته تهران جي جوهري پروگرام کي پٺيان ڌڪي سگهي ٿو.

جي ڊي وينس جو چوڻ آهي ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته صدر ٽرمپ ايران سان مفاهمتي يادداشت تي ڪڏهن صحيح ڪندو.

ان کان اڳ پرڏيهي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي ۽ ايراني ڳالهه ٻولهه ڪندڙن ۾ جنگ بندي ۾ واڌ ۽ جوهري پروگرام تي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ 60 ڏينهن جي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي اتفاق ٿيو آهي.

پرڏيهي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ اڃا تائين هن جي حتمي منظوري ناهي ڏني.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان مفاهمتي يادداشت تي صحيح جنگ جي شروعات بعد سڀ کان وڏي اڳڀرائي هوندي، جيتوڻيڪ ايراني جوهري پروگرام بابت ٽرمپ جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ حتمي معاهدي تائين پڄڻ لاءِ وڌيڪ سخت ۽ تفصيلي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.