مورو (ويب ڊيسڪ) صدرمملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي اسٽبلشمنٽ جا هٿ مضبوط ڪنداسين.
مورو ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي صدر آصف زرداري چيو ته جڏهن ڀارت جا جهاز ڪيرايا ته سندن عقل ٺڪاڻي آيو، ڀارت کي هڪ هفتي جي جنگ ۾ سبق سيکاريو.
هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم کي ميڊيا تي ناهي ڏيکاريو ويندو، ڀارتي حڪومت سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کان محروم آهي.
صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسان سڀ گڏجي اسٽبلشمنٽ جا هٿ مضبوط ڪنداسين ۽ ملڪ کي به مضبوط بڻائينداسين.