واشنگٽن ڊي سي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران آمريڪا معاهدي سان گڏ ئي مسلم ملڪن کي ”ابراهيمي معاهدي“ جو حصو بڻجڻ گهرجي.
خابرو اداري جي رپورٽ موجب پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته يا ته هي بهترين معاهدو ٿيندو يا وري ڪو معاهدو ئي نه ٿيندو ۽ ان صورت ۾ جنگ بيهر شروع ٿي سگهي ٿي جيڪا پهريون کان وڌيڪ شديد هوندي.
ٽرمپ لکيو ته ڪا به ڌُر جنگ نٿي چاهي، ان لاءِ آمريڪا هڪ مڪمل معاهدي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڇنڇر ڏهاڙي هن سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان، گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان آل ثاني، پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ترڪيي جي صدر رجب طيب اردوان، مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي، اردن جي شاهه عبدالله دوم ۽ بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ٽرمپ موجب پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته آمريڪا پاران هن ڳنڀير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن بعد گهٽ ۾ گهٽ اهو ضرور ٿيڻ کپي ته هي سمورا ملڪ هڪ ئي وقت ابراهيمي معاهدي تي صحيح ڪن. انهن ملڪن ۾ سعودي عرب، قطر، پاڪستان، ترڪيي، مصر ۽ اردن شامل آهن جڏهن ته گڏيل عرب امارات ۽ بحرين پهريون ئي ان معاهدي۾ شامل آهن.
ٽرمپ چيو ته ممڪن آهي ته هڪ يا ٻن ملڪن وٽ معاهدي ۾ شامل نه ٿيڻ جا ڪي ڪارڻ هجن، جن کي قبول ڪري سگهجي ٿو پر گهڻو ڪري ٻين ملڪن کي هن تاريخي معاهدي جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي.
آمريڪي صدر چيو ته سعودي عرب ۽ قطر کي فوري طور هن معاهدي تي صحيح ڪرڻ گهرجي، نه ته کين هن معاهدي جو حصو ئي نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها خراب نيت جي نشاني هوندي.
ٽرمپ چيو ته مٿي ڄاڻايل ملڪن جي اڳواڻڻ سان ڳالهه ٻولهه ۾ اهو به واضح ٿيو ته ان ڳالهه کي اعزاز سمجهندا ته جيئن ئي هي معاهدو طئي ٿيئي ٿو، اسلامي جمهوري ايران کي به ان معاهدي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ اهو واقعي غيرمعمولي هوندو.
آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو لازمي مطالبو ڪري ٿو ته سمورا ملڪ فوري طور تي هن معاهدي تي صحيح ڪن.ٽرمپ پنهنجي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي هن عمل جي شروعات ڪن ۽ انهن ملڪن کي هن تاريخي ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ڪري ڪاميابي حاصل ڪن.
ياد رهي ته سال 2020 ۾ ٽرمپ جي پهرين صدارت دوران گڏيل عرب امارات، بحرين ۽ ٻين ملڪن اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا.