تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي قومي سلامتي واري پارلياماني ڪميشن ۽ پرڏيهي معاملن جي ميمبر فدا حسين مالڪي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا تازين ڳالهين ۾ اڪثر ايراني تجويزون قبول ڪري ورتيون آهن.
تهران مان جاري ڪيل بيان ۾ فدا حسين مالڪي چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته تازين ڳالهين دوران آمريڪا اڪثر ايراني تجويزون قبول ڪيون آهن.
هن اهو به چيو ته ايران کي هاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي واعدا نه پورا ڪرڻ واري عادت تي ڳڻتي آهي، جنهن جو اظهار تازن ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ٿيو آهي.
ان کان اڳ آمريڪي صدارتي محل وائيٽ هائوس هڪ خبر ويب سائيٽ جي رپورٽ جي تصديق ڪئي آهي.
آمريڪي خبرن واري ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي وڌائڻ تي ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ ايران آمريڪا سان ائٽمي پروگرام بابت ڳالهين تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته آمريڪا ۽ ايران جي مفاهمت تي صدر ٽرمپ جي آخري منظوري اڃا باقي آهي ۽ جيڪڏهن مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿين ٿيون ته اهو جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ سڀ کان وڏي سفارتي ڪاميابي هوندي.