آمريڪا ڳالهين جي اوٽ ۾ بزدلاڻو حملو ڪيو،ڀرپور جواب ڏينداسين:ايران

تهران (عوامي آواز نيوز) ايراني پرڏيهي وزارت آمريڪا جي تازي ڪارروائي کي پٺي ۾ ڇري هڻڻ جي برابر قرار ڏيندي آمريڪا کي ناقابلِ اعتبار ڪوٺيو آهي ۽ باقاعده جوابي ڪارروائيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪي حملن تي انتهائي سخت ردِعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا هڪ طرف سفارتي ڪوششون ۽ ڳالهيون جاري رکيون ۽ ٻئي طرف بزدلاڻو حملو ڪري ڏنو، جنهن جو ايران ڀرپور ۽ فيصلي ڪن جواب ڏيندو. ايران پنهنجي دفاع ۽ قومي مفادن جي تحفظ تان ڪڏهن به هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو. جنگ بندي کي نقصان: ايراني ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪي فورسز ايران جي صوبي هرمزگان ۾ کلم کلا ڪارروائي ڪري جاري جنگ بندي جي معاهدي کي سبوتاژ (ناڪام) ڪيو آهي.هن چيو ته دشمن جي ان کلي جارحيت جو جواب هر صورت ۾ ۽ ضرور ڏنو ويندو. ان خطي ۾ ٿيندڙ سمورن سنگين نتيجن ۽ تباهي جي مڪمل ذميواري هاڻي سڌي ريت آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا آڏو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته واشنگٽن تي ڪڏهن به ڀروسو نٿو ڪري سگهجي.مھلڪ هٿيارن جو استعمال: اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا جنگ دوران به ايراني شهرين خلاف انتهائي جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن جو بي دريغ استعمال ڪيو. آمريڪي فضائيہ حملن دوران جديد ايئر برسٽ ميزائل فائر ڪيا، جيڪي فضا ۾ ڦاٽڻ شرط تکا ذرا ۽ ڇرا انتهائي تيز رفتاري سان پکڙجي ويا، جنهن سڄي علائقي کي لپيٽ ۾ وٺي وڏي پيماني تي تباهي مچائي.هن چيو ته آمريڪا انهن هولناڪ ميزائلن جو نشانو هڪ عام اسپورٽس هال کي بڻايو، جتي عام شهري (سويلينز) موجود هئا.ان بزدلاڻي حملي جي نتيجي ۾ 24 معصوم ايراني شهري موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا. ايران پنهنجي شهرين جي جان و مال ۽ پنهنجي قومي اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ لاءِ جيڪي به ضروري قدم هوندا، اهي کڻندو.هوڏانهن ايراني مسلح فوج جي سينيئر ترجمان ابوالفضل شڪارچي چيو آهي ته ڪنهن به نئين جارحيت يا خلاف ورزيءَ جو جواب خطي کان ٻاهر تائين ڦهلجي ويندو.ابوالفضل شڪارچي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به نئين خلاف ورزي جي صورت ۾ ايران جو ردِعمل اڳي کان وڌيڪ شديد، طاقتور ۽ مختلف نوعيت جو هوندو.ايراني مسلح فوج جي سينيئر ترجمان وڌيڪ چيو ته ممڪنه هدفن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، ۽ ڪنهن به نئين حماقت جي صورت ۾ ايران سخت ترين جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.تيل جي ترسيلي رستي جي بندش: ابوالفضل شڪارچي سخت چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران جي تيل جي برآمدات ۾ ڪا به رڪاوٽ وڌي وئي، ته ايران سڄي خطي مان تيل جي سپلائيءَ جو رستو (آبنائي هرمز) مڪمل طور بند ڪري ڇڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.