سنڌو درياءَ تي مسلسل ڌاڙن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ڪري ڇڏي آهي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌ ۾ جھنگ جو قانون آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو بادشاھ بنجي ڦرلٽ ۽ دھشت جو راڄ قائم ڪيو ويٺو آھي.هن  چيو ته  سنڌو درياھ تي مسلسل ڌاڙن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ ڪري ڇڏي آھي، ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن. هن چيو ته  سمنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي وارا تعلقا  تيزي سان ڳڙڪائي رھيو آهي، سمنڊ ۾ درياھ جو ڇوڙ نه  ٿيڻ ڪري تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آھن۔ ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ تائين درياھ جي ڪنڌي سان رھندڙ لکين آبادي غربت، بک، بدحالي جو شڪار ٿي وئي آھي.ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا.هن چيو ته  پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ کي بک، بدحالي، ڏوھاري راڄ، منشيات، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ لاقانونيت جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران نٿا چاهين ته سنڌ ۾ ميرٽ ھجي، تعليم ۽ سائنس ھجي، روزگار ۽ خوشحال ھجي. پيپلزپارٽي جي حڪمرانن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪينجھر، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ خاطر وڪڻي ڇڏيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.